2 آءٌ يووئديا کي گذارش ٿو ڪريان ۽ صنتخيءَ کي بہ، تہ خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري يڪدل ٿي رھن.
3 اي سچا ھمخدمت! آءٌ تو کي بہ عرض ٿو ڪريان تہ انھن عورتن جي مدد ڪر، ڇالاءِجو انھن مون سان توڙي ڪليمنس ۽ منھنجي ٻين ھمخدمت ساٿين سان گڏ خوشخبري ڦھلائڻ ۾ جانفشاني ڪئي آھي. ھنن سڀني جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ درج آھن.
4 خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ اوھين ھر وقت خوش رھو. آءٌ وري بہ چوندس تہ خوش رھو.
5 اوھان جي بردباري سڀني ماڻھن تي ظاھر ٿئي. خداوند ويجھو آھي.
6 ڪنھن بہ ڳالھہ جو فڪر نہ ڪريو، بلڪ سڀ ڪنھن ڳالھہ ۾ اوھين پنھنجا عرض، دعا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪرڻ سان خدا جي حضور ۾ پيش ڪندا ڪريو.
7 تڏھن خدائي اطمينان، جيڪو سمجھہ کان بلڪل ٻاھر آھي، سو عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ اوھان جي دلين ۽ دماغن جي نگھباني ڪندو.
8 ھاڻي، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪيبہ ڳالھيون سچيون آھن، جيڪيبہ ڳالھيون اشرافت جھڙيون آھن، جيڪيبہ ڳالھيون درست آھن، جيڪيبہ ڳالھيون پاڪ آھن، جيڪيبہ ڳالھيون وڻندڙ آھن، جيڪيبہ ڳالھيون ساراھہ جوڳيون آھن، مطلب تہ جيڪيبہ نيڪيءَ واريون ۽ تعريف جي لائق ڳالھيون آھن انھن تي ويچار ڪندا رھجو.