گلتين 2:5-11 SCLNT

5 انھن جي تابع رھڻ اسان ھڪڙي گھڙي بہ قبول نہ ڪيو، تہ جيئن خوشخبريءَ جي سچائي اوھان ۾ قائم رھي.

6 پر ڪي ماڻھو معتبر ليکيا ويندا ھئا، پوءِ اھي ڪھڙا بہ ھئا تنھن سان منھنجو واسطو ڪونھي، ڇالاءِ⁠جو خدا ماڻھوءَ جي ظاھري حالت کي نہ ٿو ڏسي. انھن ماڻھن مان مون کي خوشخبريءَ بابت ڪابہ ڳالھہ حاصل نہ ٿي.

7 ان جي برعڪس انھن ڏٺو تہ خدا غير يھودين کي خوشخبري ٻڌائڻ جو ڪم منھنجي حوالي ڪيو آھي، جيئن ھن يھودين کي خوشخبري ٻڌائڻ جو ڪم پطرس جي حوالي ڪيو ھو.

8 ڇالاءِ⁠جو جنھن خدا يھودين جي رسول ٿيڻ لاءِ پطرس ۾ اثر پيدا ڪيو، تنھن غير يھودين جي رسول ٿيڻ لاءِ وري مون ۾ اثر پيدا ڪيو.

9 يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي ڪليسيا جا ٿنڀا ليکيا ويندا ھئا، تن کي جڏھن معلوم ٿيو تہ مون کي خدمت جي توفيق ڏني ويئي آھي تڏھن انھن برنباس ۽ مون سان ساڄو ھٿ ملائي پاڻ سان شريڪ ڪيو. پوءِ ٺاھہ ٿيو تہ اسين غير يھودين ڏانھن ۽ ھو يھودين ڏانھن وڃن.

10 ھنن رڳو ايترو چيو تہ ”غريبن کي ياد رکجو.“ پر انھيءَ ڪم لاءِ تہ آءٌ اڳي ئي سرگرم ھوس.

11 جڏھن پطرس انتاخيا ۾ آيو تہ مون آمھون سامھون سندس مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو صفا غلطيءَ تي ھو.