1 آخر چوڏھن سالن کان پوءِ آءٌ برنباس سان گڏجي وري يروشلم ڏانھن ويس ۽ طيطس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويس.
2 آءٌ انھيءَ ڪري اوڏانھن ويس جو خدا مون تي الھام ڪيو تہ تو کي وڃڻ گھرجي. مون اڪيلائيءَ ۾ انھن جي اڳيان جيڪي معتبر سمجھيا ويندا ھئا، اھا خوشخبري پيش ڪئي جنھن جي آءٌ غير قومن ۾ تبليغ ڪندو آھيان. مون نہ ٿي چاھيو تہ منھنجي ھاڻوڪي يا اڳوڻي ڊڪ ڊوڙ اجائي ٿئي.
3 جيتوڻيڪ طيطس، جيڪو مون سان گڏ ھو، سو يوناني ھو تڏھن بہ انھن کيس طھر ڪرائڻ لاءِ زور نہ ڀريو.
4 اھو سوال رڳو انھن ڪوڙن ڀائرن جي ڪري اٿيو، جيڪي لڪي ڇپي اسان ۾ داخل ٿيا ھئا. اھي انھيءَ ڪري چوريءَ گھڙي آيا ھئا تہ جيڪا آزادي اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ملي آھي، تنھن جي جاسوسي ڪري اسان کي غلام بڻائين.
5 انھن جي تابع رھڻ اسان ھڪڙي گھڙي بہ قبول نہ ڪيو، تہ جيئن خوشخبريءَ جي سچائي اوھان ۾ قائم رھي.
6 پر ڪي ماڻھو معتبر ليکيا ويندا ھئا، پوءِ اھي ڪھڙا بہ ھئا تنھن سان منھنجو واسطو ڪونھي، ڇالاءِجو خدا ماڻھوءَ جي ظاھري حالت کي نہ ٿو ڏسي. انھن ماڻھن مان مون کي خوشخبريءَ بابت ڪابہ ڳالھہ حاصل نہ ٿي.
7 ان جي برعڪس انھن ڏٺو تہ خدا غير يھودين کي خوشخبري ٻڌائڻ جو ڪم منھنجي حوالي ڪيو آھي، جيئن ھن يھودين کي خوشخبري ٻڌائڻ جو ڪم پطرس جي حوالي ڪيو ھو.
8 ڇالاءِجو جنھن خدا يھودين جي رسول ٿيڻ لاءِ پطرس ۾ اثر پيدا ڪيو، تنھن غير يھودين جي رسول ٿيڻ لاءِ وري مون ۾ اثر پيدا ڪيو.
9 يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي ڪليسيا جا ٿنڀا ليکيا ويندا ھئا، تن کي جڏھن معلوم ٿيو تہ مون کي خدمت جي توفيق ڏني ويئي آھي تڏھن انھن برنباس ۽ مون سان ساڄو ھٿ ملائي پاڻ سان شريڪ ڪيو. پوءِ ٺاھہ ٿيو تہ اسين غير يھودين ڏانھن ۽ ھو يھودين ڏانھن وڃن.
10 ھنن رڳو ايترو چيو تہ ”غريبن کي ياد رکجو.“ پر انھيءَ ڪم لاءِ تہ آءٌ اڳي ئي سرگرم ھوس.
11 جڏھن پطرس انتاخيا ۾ آيو تہ مون آمھون سامھون سندس مخالفت ڪئي، ڇاڪاڻتہ ھو صفا غلطيءَ تي ھو.
12 ڇالاءِجو يعقوب وٽان ڪن ماڻھن جي اچڻ کان اڳي پطرس غير يھودين سان کائيندو ھو. پر جڏھن اھي آيا تڏھن ھن غير يھودين سان کائڻ ڇڏي ڏنو، بلڪ انھن کان ڌار ٿي ويو، ڇاڪاڻتہ ھو انھن ماڻھن کان ڊڄندو ھو جيڪي طھر ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪندا ھئا.
13 باقي ٻين يھودين، جيڪي مسيحي ٿيا ھئا تن پطرس سان ملي ڪري رياڪاري ڪئي. ايتري قدر جو خود برنباس بہ انھن جي رياڪاريءَ ۾ ڦاسي پيو.
14 جڏھن مون ڏٺو تہ اھي خوشخبريءَ جي سچائيءَ موجب سنئين راھہ تي نہ ٿا ھلن، تڏھن مون انھن سڀني جي اڳيان پطرس کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ تون يھودي آھين تڏھن بہ غير يھودين وانگر ٿو گذارين، نڪي يھودين وانگر. تہ پوءِ تون ڪيئن غير يھودين کي زور ٿو ڀرين تہ ھو يھودين وانگر گذارين؟“
15 حقيقت ۾ اسين ڄائي ڄم کان يھودي آھيون ۽ غير قومون نہ آھيون، جن کي گنھگار چون ٿا.
16 تنھن ھوندي بہ اسان کي خبر آھي تہ ڪوبہ ماڻھو شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان سچار بڻجي ٿو. تنھنڪري اسان بہ عيسيٰ مسيح تي ايمان آندو تہ جيئن شريعت تي عمل ڪرڻ سبب نہ، پر مسيح تي ايمان آڻڻ سبب سچار بڻجون. ڇالاءِجو شريعت جي ڪمن سبب ڪوبہ انسان سچار نہ بڻبو.
17 پر اسين جيڪي مسيح جي وسيلي سچار بڻجڻ ٿا گھرون، جيڪڏھن پاڻ ئي گنھگار نڪري پئون تہ ڇا مسيح گناھہ جو ڪارڻ آھي؟ ھرگز نہ.
18 ڇالاءِجو جيڪي شيون مون ڊاھيون آھن، سي جيڪڏھن آءٌ وري ٺاھيندس تہ پاڻ کي قصوروار ثابت ڪندس.
19 سو آءٌ شريعت جي وسيلي مري ويس، تنھنڪري شريعت جي بنسبت آءٌ مئل آھيان، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي لاءِ جيئرو رھان.
20 آءٌ مسيح سان گڏ صليب تي چاڙھيو ويو آھيان. ھاڻي آءٌ جيئرو نہ رھيو آھيان، پر مسيح مون ۾ جيئرو آھي. سو جيڪا زندگي ھاڻي آءٌ جسم ۾ گذاريان ٿو سا خدا جي فرزند تي ايمان آڻڻ ڪري گذاري رھيو آھيان. ھن مون سان پيار ڪيو ۽ منھنجي بدران پنھنجي جان ڏني.
21 آءٌ خدا جي فضل کي بيڪار نہ ٿو وڃايان، ڇاڪاڻتہ سچائي جيڪڏھن شريعت جي وسيلي ملي ھا تہ پوءِ مسيح جو مرڻ اجايو ٿئي ھا.