11 ھاڻي اھا ڳالھہ صاف ظاھر آھي تہ ڪوبہ ماڻھو شريعت جي ڪري خدا جي نظر ۾ سچار نہ ٿو بڻجي. ڇالاءِجو لکيل آھي تہ”جيڪو ايمان جي وسيلي سچار ٿو بڻجي،اھو ئي شخص جيئرو رھندو.“
12 شريعت جو ايمان سان ڪو واسطو ڪونھي، بلڪ لکيل آھي تہ”جيڪو شريعت جي ڳالھين تي عمل ڪري ٿو،سو انھن جي ڪري ئي جيئرو رھندو.“
13 مسيح اسان کي خريد ڪري شريعت جي لعنت کان ڇڏايو ۽ پاڻ اسان جي بدران لعنتي بڻيو. ڇالاءِجو لکيل آھي تہ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو،سو لعنتي آھي.“
14 ھي انھيءَ ڪري ٿيو تہ جيئن ابراھيم کي مليل برڪت عيسيٰ مسيح جي وسيلي غير قومن تائين پھچي ۽ اسان کي ايمان جي وسيلي اھو پاڪ روح ملي، جنھن جو واعدو ٿيل آھي.
15 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي روزاني زندگيءَ جو ھڪ مثال ڏيان ٿو تہ انسان جي تصديق ڪيل عھدنامي کي ڪوبہ رد نہ ٿو ڪري سگھي ۽ نہ ئي ان کي وڌائي سگھي ٿو.
16 ھاڻي خدا ابراھيم ۽ سندس نسل سان واعدا ڪيا. ان موقعي تي پاڪ ڪلام ائين نہ ٿو چوي تہ ”نسلن سان،“ جنھن مان سندس مطلب گھڻا ماڻھو ھجن. پر ھو چوي ٿو تہ ”تنھنجي نسل سان،“ جنھن مان ھن جو مطلب ھڪڙو شخص آھي ۽ اھو مسيح آھي.
17 ھاڻي آءٌ ائين ٿو چوان تہ جنھن عھد جي خدا پھريائين ئي تصديق ڪئي ھئي تنھن کي شريعت، جيڪا چار سو ٽيھن سالن کان پوءِ آئي، سا رد ڪري نہ ٿي سگھي. اھڙيءَ طرح اھا خدا جي واعدي کي بيڪار نہ ٿي ڪري.