22 ڇالاءِجو ان ۾ لکيل آھي تہ ابراھيم کي ٻہ پٽ ھئا، ھڪڙو ٻانھيءَ مان ۽ ٻيو سندس زال مان جيڪا ٻانھي نہ ھئي.
23 ٻانھيءَ وارو پٽ جسماني طرح ڄائو ھو، پر آزاد زال وارو پٽ خدا جي واعدي موجب ڄائو ھو.
24 انھن ڳالھين مان ھڪڙو مثال وٺجي ٿو، ڇالاءِجو اھي ٻہ عورتون ڄڻ تہ ٻہ عھد آھن. انھن مان ھڪڙو سينا جبل وارو آھي، جنھن ڪري غلام ئي پيدا ٿين ٿا ۽ اھا آھي ھاجرہ.
25 ھاڻي اھا ھاجرہ عربستان جي سينا جبل جي مثل آھي ۽ ان جي ڀيٽ ھاڻوڪي يروشلم سان ڪري سگھجي ٿي، ڇالاءِجو اھو شھر بہ پنھنجي رھاڪن سميت غلاميءَ ۾ آھي.
26 پر آسماني يروشلم آزاد آھي ۽ اھا اسان جي ماءُ آھي.
27 ڇالاءِجو لکيل آھي تہ”اي سنڍ زال! تون جا ٻار نہ ٿي ڄڻين،سا خوشي ڪر.تون، جنھن کي ڪڏھن بہ ويم جا سور نہ ٿيا آھن،سا خوشيءَ سان وڏي واڪي پڪار،ڇالاءِجو نڌڻڪيءَ زال جا ٻارمڙس واري زال جي ٻارن کان گھڻا آھن.“
28 ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اسحاق وانگر خدا جي واعدي موجب پيدا ٿيل اولاد آھيون.