26 پر آسماني يروشلم آزاد آھي ۽ اھا اسان جي ماءُ آھي.
27 ڇالاءِجو لکيل آھي تہ”اي سنڍ زال! تون جا ٻار نہ ٿي ڄڻين،سا خوشي ڪر.تون، جنھن کي ڪڏھن بہ ويم جا سور نہ ٿيا آھن،سا خوشيءَ سان وڏي واڪي پڪار،ڇالاءِجو نڌڻڪيءَ زال جا ٻارمڙس واري زال جي ٻارن کان گھڻا آھن.“
28 ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اسحاق وانگر خدا جي واعدي موجب پيدا ٿيل اولاد آھيون.
29 پر جيئن انھيءَ وقت جسماني طرح پيدا ٿيل ٻار، پاڪ روح موجب پيدا ٿيل ٻار کي ستائيندو ھو، تيئن ئي ھاڻي بہ ٿئي ٿو.
30 مگر پاڪ ڪتاب ڇا ٿو چوي؟ اھو تہ ”ٻانھيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ. ڇالاءِجو ٻانھيءَ جو پٽ، آزاد زال جي پٽ سان گڏ ھرگز وارث نہ ٿيندو.“
31 تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين ٻانھيءَ جا نہ بلڪ آزاد زال جا ٻار آھيون.