10 تنھنڪري جيتري قدر موقعو ملي تہ اسين سڀني ماڻھن سان نيڪي ڪريون، خاص ڪري انھن سان جيڪي ايمان جي وسيلي اسان سان ھڪ ئي خاندان ۾ شريڪ آھن.
11 ڏسو، ڪھڙن نہ وڏن وڏن اکرن سان آءٌ پنھنجي ھٿ سان اوھان ڏانھن لکي رھيو آھيان.
12 جيڪي ماڻھو ظاھري ڏيک پسند ڪن ٿا، سي اوھان کي طھر ڪرائڻ لاءِ مجبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن. ھو رڳو انھيءَ لاءِ ائين ڪن ٿا تہ جيئن مسيح جي صليب جي خاطر ستايا نہ وڃن.
13 ڇالاءِجو طھر ڪرائڻ وارا پاڻ بہ شريعت تي پوريءَ طرح عمل نہ ٿا ڪن. پر ھو اوھان کي طھر ڪرائڻ لاءِ انھيءَ ڪري مجبور ٿا ڪن تہ جيئن اوھان جي انھيءَ جسماني رسم کي قبول ڪرڻ تي اھي فخر ڪري سگھن.
14 پر خدا نہ ڪري جو آءٌ ڪنھن ٻيءَ شيءِ تي فخر ڪريان، سواءِ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي صليب جي. ڇالاءِجو صليب جي ڪري دنيا منھنجي لاءِ مئل آھي ۽ آءٌ دنيا جي لاءِ.
15 انھيءَ ڪري طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آھي، پر اھم ڳالھہ نئون خلقيل ھجڻ آھي.
16 جيڪي بہ انھيءَ قاعدي تي ھلن ٿا، تن تي ۽ خدا جي قوم بني اسرائيل تي شل رحم ۽ سلامتي ھجي.