14 پر خدا نہ ڪري جو آءٌ ڪنھن ٻيءَ شيءِ تي فخر ڪريان، سواءِ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي صليب جي. ڇالاءِجو صليب جي ڪري دنيا منھنجي لاءِ مئل آھي ۽ آءٌ دنيا جي لاءِ.
15 انھيءَ ڪري طھر ڪرائڻ يا نہ ڪرائڻ ڪجھہ بہ نہ آھي، پر اھم ڳالھہ نئون خلقيل ھجڻ آھي.
16 جيڪي بہ انھيءَ قاعدي تي ھلن ٿا، تن تي ۽ خدا جي قوم بني اسرائيل تي شل رحم ۽ سلامتي ھجي.
17 اڄ کان پوءِ ڪوبہ ماڻھو مون کي تڪليف نہ ڏئي، ڇالاءِجو منھنجي بدن تي جيڪي داغ آھن سي ظاھر ڪن ٿا تہ آءٌ مسيح جو غلام آھيان.
18 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! شل اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل اوھان سان ھجي. آمين.