4 تنھنڪري ھر ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجا ڪم پاڻ جاچڻ گھرجن. انھيءَ حالت ۾ ھو رڳو پنھنجو پاڻ تي فخر ڪري سگھي ٿو ۽ پوءِ ھن کي ڪنھن ٻئي سان پنھنجي ڀيٽ ڪرڻ جي ضرورت نہ ٿيندي.
5 ڇالاءِجو ھر ڪو ماڻھو پنھنجو بار پاڻ کڻندو.
6 جيڪو پاڪ ڪلام جي تعليم حاصل ٿو ڪري، تنھن کي گھرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ سان شريڪ ڪري.
7 فريب نہ کائو، ڪوبہ خدا کي ٺڳي نہ ٿو سگھي. ڇالاءِجو ماڻھو جيڪي پوکي ٿو سو ئي لڻندو.
8 جيڪو پنھنجي جسماني فطرت جي لاءِ پوکي ٿو، سو انھيءَ فطرت مان موت جو فصل لڻندو. پر جيڪو پاڪ روح جي لاءِ پوکي ٿو، سو پاڪ روح مان دائمي زندگيءَ جو فصل لڻندو.
9 اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿڪجڻ نہ گھرجي، ڇالاءِجو جيڪڏھن ھمت نہ ھارينداسين تہ پوري وقت تي لابارو لاھينداسين.
10 تنھنڪري جيتري قدر موقعو ملي تہ اسين سڀني ماڻھن سان نيڪي ڪريون، خاص ڪري انھن سان جيڪي ايمان جي وسيلي اسان سان ھڪ ئي خاندان ۾ شريڪ آھن.