فلپين 1:6-12 SCLNT

6 مون کي انھيءَ ڳالھہ جو يقين آھي تہ خدا، جنھن اوھان ۾ چڱو ڪم شروع ڪيو آھي، سو انھيءَ کي عيسيٰ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينھن تائين پورو ڪندو.

7 تنھنڪري واجب آھي تہ آءٌ اوھان سڀني جي باري ۾ ائين ئي سمجھان، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين منھنجيءَ دل ۾ موجود آھيو. منھنجي قيد ۾ توڙي خوشخبريءَ کي سچي ثابت ڪرڻ ۽ ان کي پڪيءَ طرح قائم ڪرڻ ۾، اوھين سڀ خدا جي ڏنل فضل ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار آھيو.

8 خدا منھنجو شاھد آھي تہ عيسيٰ مسيح جھڙي الفت جيان اوھان سڀني لاءِ ڪيڏي نہ سڪ اٿم.

9 آءٌ ھيءَ دعا ٿو گھران تہ علم ۽ ھر طرح جي سمجھہ سان گڏ اوھان جي محبت بہ گھڻي کان گھڻي وڌندي وڃي،

10 تہ جيئن اوھين چڱين ڳالھين کي سمجھي پسند ڪريو ۽ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينھن تائين صاف⁠دل ۽ بي⁠ڏوھي رھو.

11 شل اوھين سچائيءَ جي انھيءَ ڦل سان ڀريل رھو، جيڪو عيسيٰ مسيح جي وسيلي آھي، تہ جيئن خدا جو جلال ظاھر ٿئي ۽ سندس واکاڻ ٿئي.

12 ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھين ڄاڻي وٺو تہ جيڪي ڪجھہ مون تي ٿي گذريو آھي، سو حقيقت ۾ خوشخبريءَ جي واڌاري جو سبب بڻيو آھي.