فلپين 2:10-16 SCLNT

10 انھيءَ لاءِ تہ انسان، جيڪي ڄاوا آھن يا جيڪي ڄمندا،سي سڀيئي عيسيٰ جي نالي تي گوڏا کوڙين،

11 ۽ ھر ھڪ زبان اقرار ڪري تہعيسيٰ مسيح خداوند آھي،تان تہ خدا پيءُ جي واکاڻ ٿئي.

12 تنھنڪري اي منھنجا پيارا دوستو! جيئن اوھين ھميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آھيو تيئن نہ رڳو منھنجي موجودگيءَ ۾ پر ھاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ، انھيءَ ڪم کي ادب ۽ تابعداري ڪندي پورو ڪندا رھو، جيڪو ڇوٽڪاري جي ڪري ڪريو ٿا.

13 جڏھن تہ اھو خدا ئي آھي جيڪو پنھنجي نيڪ ارادي موجب اوھان ۾ ڪم ڪندو رھي ٿو، تہ جيئن اوھين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ ھن تي عمل بہ ڪريو.

14 سڀ ڪم شڪايت ۽ تڪرار ڪرڻ کان سواءِ ڪندا رھو،

15 تہ جيئن اوھين بي⁠ڏوھي ۽ معصوم ٿي ڪري ڏنگن ۽ نرڄن ماڻھن جي ھن زماني ۾ خدا جا بي⁠عيب ٻار ٿي رھو. انھن جي وچ ۾ اوھين ائين ٿا چمڪو جيئن دنيا ۾ روشني،

16 ۽ اوھين کين زندگيءَ جو ڪلام پيش ٿا ڪريو. جيڪڏھن اوھين اھو سڀ ڪجھہ ڪريو ٿا تہ آءٌ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينھن تي فخر ڪري سگھندس تہ منھنجي ڊڪ ڊوڙ ۽ محنت اجائي نہ ٿي.