19 مون کي خداوند عيسيٰ ۾ اميد آھي تہ تيمٿيس کي جلد ئي اوھان ڏانھن موڪليندس، تہ جيئن اوھان جو احوال معلوم ڪري مون کي بہ دلجاءِ ٿئي.
20 مون وٽ ھن جھڙو ٻيو ڪوبہ ھمخيال ماڻھو ڪونھي، جنھن کي سچپچ اوھان جي ڀلائيءَ لاءِ ڳڻتي ھجي.
21 ڇالاءِجو ھر ڪو پنھنجي مطلب جي ڳالھين کي ٿو ڏسي، نہ عيسيٰ مسيح جي ڳالھين کي.
22 پر اوھان کي تيمٿيس جي لائق ھجڻ جي خبر آھي، ڇوتہ جيئن ڪو پٽ پيءُ سان گڏجي ڪم ڪري تيئن ھن مون سان گڏجي خوشخبري ڦھلائڻ جي خدمت ڪئي آھي.
23 تنھنڪري اميد اٿم تہ جڏھن آءٌ ڏسندس تہ منھنجو ڪھڙو فيصلو ٿو ٿئي، تڏھن کيس ھڪدم اوھان ڏانھن روانو ڪندس.
24 بلڪ مون کي خداوند تي ڀروسو آھي تہ آءٌ پاڻ بہ جلد ايندس.
25 پر آءٌ اھو ضروري ٿو سمجھان تہ اِپفروديتس کي واپس اوھان ڏانھن موڪليان، جيڪو منھنجو مسيحي ڀاءُ، ھمخدمت ۽ ھمسپاھہ آھي. ھي اوھان جو قاصد بہ آھي، جنھن کي اوھان منھنجين ضرورتن جي سنڀال ڪرڻ لاءِ مون ڏانھن موڪليو ھو.