2 تہ پوءِ منھنجي ھيءَ خوشي پوري ڪريو تہ ھڪ دل ٿي ۽ ھڪ جھڙي محبت رکي، ھڪ روح ٿيو ۽ ھمخيال رھو.
3 ذاتي لالچ ۽ اجائي ھٺ کان ڪجھہ بہ نہ ڪريو، بلڪ نماڻائيءَ سان ھڪ ٻئي کي پاڻ کان بھتر سمجھو.
4 اوھان مان ھر ھڪ رڳو پنھنجين ڳالھين تي نہ، پر ٻين جي ڳالھين تي بہ ڌيان ڏئي.
5 اوھين اھڙو ئي سڀاءُ رکو جھڙو عيسيٰ مسيح جو ھو.
6 جيتوڻيڪ ھو بذاتِخود خدا ھو،تہ بہ ھن خدا سان برابر ھئڻ جي درجي کيزوريءَ پنھنجي قبضي ۾ رکڻ جي شيءِ نہ سمجھيو.
7 اٽلندو پاڻ کي خالي ڪري ڇڏيائين،۽ غلام جي صورت اختيار ڪريانسانن جھڙو ٿي ويو.
8 انساني شڪل ۾ ظاھر ٿي ڪريھن پاڻ کي ھيٺاھون ڪيو،۽ ايستائين فرمانبردار رھيوجو موت، بلڪ صليبي موت قبول ڪيائين.