5 اوھين اھڙو ئي سڀاءُ رکو جھڙو عيسيٰ مسيح جو ھو.
6 جيتوڻيڪ ھو بذاتِخود خدا ھو،تہ بہ ھن خدا سان برابر ھئڻ جي درجي کيزوريءَ پنھنجي قبضي ۾ رکڻ جي شيءِ نہ سمجھيو.
7 اٽلندو پاڻ کي خالي ڪري ڇڏيائين،۽ غلام جي صورت اختيار ڪريانسانن جھڙو ٿي ويو.
8 انساني شڪل ۾ ظاھر ٿي ڪريھن پاڻ کي ھيٺاھون ڪيو،۽ ايستائين فرمانبردار رھيوجو موت، بلڪ صليبي موت قبول ڪيائين.
9 تنھنڪري خدا ھن کي تمام گھڻو سربلند ڪيو،۽ کيس اھو نالو عطا ڪيائين،جيڪو سڀني نالن کان اعليٰ آھي.
10 انھيءَ لاءِ تہ انسان، جيڪي ڄاوا آھن يا جيڪي ڄمندا،سي سڀيئي عيسيٰ جي نالي تي گوڏا کوڙين،
11 ۽ ھر ھڪ زبان اقرار ڪري تہعيسيٰ مسيح خداوند آھي،تان تہ خدا پيءُ جي واکاڻ ٿئي.