11 ھيءَ ڳالھہ آءٌ ضرورتمند ھجڻ ڪري نہ ٿو چوان، ڇالاءِجو مون ھر حالت ۾ راضي رھڻ سکيو آھي.
12 آءٌ اڻھوند کي بہ ڄاڻان ٿو ۽ جھجھي مقدار ۾ ھئڻ کي بہ ڄاڻان ٿو. مون سڀ ڪنھن ڳالھہ ۾ ۽ ھر حالت ۾ راضي رھڻ جو ڀيد سکيو آھي، ڍاول ھجان توڙي بکايل، سائو ھجان توڙي سڃو.
13 خداوند، جيڪو مون کي طاقت ٿو بخشي تنھن جي وسيلي آءٌ ھر ڳالھہ کي منھن ڏيئي ٿو سگھان.
14 تنھن ھوندي بہ اوھان چڱو ڪيو جو منھنجي تڪليفن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيا.
15 اي فلپيو! اوھين پاڻ بہ ڄاڻو ٿا تہ خوشخبريءَ جي تبليغ وارن شروعاتي ڏينھن ۾ جڏھن آءٌ مڪدونيا پرڳڻي مان روانو ٿيس تہ رڳو اوھان کان سواءِ ڪابہ ڪليسيا، ڏيڻ وٺڻ جي معاملي ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار نہ ٿي.
16 بلڪ جڏھن آءٌ ٿسلونيڪي شھر ۾ ھوس، تڏھن منھنجي ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ اوھان ھڪ دفعي کان وڌيڪ مون ڏانھن مدد موڪلي.
17 ائين نہ آھي تہ آءٌ بخشش ٿو گھران. پر آءٌ اھڙو اجر ٿو گھران جيڪو اوھان جي حساب ۾ وڌندو وڃي.