فلپين 4:3-9 SCLNT

3 اي سچا ھم⁠خدمت! آءٌ تو کي بہ عرض ٿو ڪريان تہ انھن عورتن جي مدد ڪر، ڇالاءِ⁠جو انھن مون سان توڙي ڪليمنس ۽ منھنجي ٻين ھم⁠خدمت ساٿين سان گڏ خوشخبري ڦھلائڻ ۾ جانفشاني ڪئي آھي. ھنن سڀني جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ درج آھن.

4 خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ اوھين ھر وقت خوش رھو. آءٌ وري بہ چوندس تہ خوش رھو.

5 اوھان جي بردباري سڀني ماڻھن تي ظاھر ٿئي. خداوند ويجھو آھي.

6 ڪنھن بہ ڳالھہ جو فڪر نہ ڪريو، بلڪ سڀ ڪنھن ڳالھہ ۾ اوھين پنھنجا عرض، دعا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪرڻ سان خدا جي حضور ۾ پيش ڪندا ڪريو.

7 تڏھن خدائي اطمينان، جيڪو سمجھہ کان بلڪل ٻاھر آھي، سو عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ اوھان جي دلين ۽ دماغن جي نگھباني ڪندو.

8 ھاڻي، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي⁠بہ ڳالھيون سچيون آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون اشرافت جھڙيون آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون درست آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون پاڪ آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون وڻندڙ آھن، جيڪي⁠بہ ڳالھيون ساراھہ جوڳيون آھن، مطلب تہ جيڪي⁠بہ نيڪيءَ واريون ۽ تعريف جي لائق ڳالھيون آھن انھن تي ويچار ڪندا رھجو.

9 جيڪي⁠بہ ڳالھيون اوھان مون کان سکيون، حاصل ڪيون يا ٻڌيون يا مون ۾ ڏٺيون آھن، تن تي عمل ڪجو. پوءِ اطمينان بخشيندڙ خدا اوھان سان رھندو.