4 خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ اوھين ھر وقت خوش رھو. آءٌ وري بہ چوندس تہ خوش رھو.
5 اوھان جي بردباري سڀني ماڻھن تي ظاھر ٿئي. خداوند ويجھو آھي.
6 ڪنھن بہ ڳالھہ جو فڪر نہ ڪريو، بلڪ سڀ ڪنھن ڳالھہ ۾ اوھين پنھنجا عرض، دعا ۽ منٿ جي وسيلي شڪرگذاري ڪرڻ سان خدا جي حضور ۾ پيش ڪندا ڪريو.
7 تڏھن خدائي اطمينان، جيڪو سمجھہ کان بلڪل ٻاھر آھي، سو عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ اوھان جي دلين ۽ دماغن جي نگھباني ڪندو.
8 ھاڻي، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪيبہ ڳالھيون سچيون آھن، جيڪيبہ ڳالھيون اشرافت جھڙيون آھن، جيڪيبہ ڳالھيون درست آھن، جيڪيبہ ڳالھيون پاڪ آھن، جيڪيبہ ڳالھيون وڻندڙ آھن، جيڪيبہ ڳالھيون ساراھہ جوڳيون آھن، مطلب تہ جيڪيبہ نيڪيءَ واريون ۽ تعريف جي لائق ڳالھيون آھن انھن تي ويچار ڪندا رھجو.
9 جيڪيبہ ڳالھيون اوھان مون کان سکيون، حاصل ڪيون يا ٻڌيون يا مون ۾ ڏٺيون آھن، تن تي عمل ڪجو. پوءِ اطمينان بخشيندڙ خدا اوھان سان رھندو.
10 آءٌ خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ نھايت ئي خوش آھيان، جو نيٺ اوھان کي مون لاءِ نئين سر ڳڻتي جاڳي. بيشڪ اڳي بہ اوھان کي اھڙي ڳڻتي ھئي، پر انھيءَ کي ظاھر ڪرڻ جو اوھان کي وجھہ نہ ٿي مليو.