فلپين 4:9-15 SCLNT

9 جيڪي⁠بہ ڳالھيون اوھان مون کان سکيون، حاصل ڪيون يا ٻڌيون يا مون ۾ ڏٺيون آھن، تن تي عمل ڪجو. پوءِ اطمينان بخشيندڙ خدا اوھان سان رھندو.

10 آءٌ خداوند سان گڏجي ھڪ ٿيڻ جي حالت ۾ نھايت ئي خوش آھيان، جو نيٺ اوھان کي مون لاءِ نئين سر ڳڻتي جاڳي. بيشڪ اڳي بہ اوھان کي اھڙي ڳڻتي ھئي، پر انھيءَ کي ظاھر ڪرڻ جو اوھان کي وجھہ نہ ٿي مليو.

11 ھيءَ ڳالھہ آءٌ ضرورتمند ھجڻ ڪري نہ ٿو چوان، ڇالاءِ⁠جو مون ھر حالت ۾ راضي رھڻ سکيو آھي.

12 آءٌ اڻ⁠ھوند کي بہ ڄاڻان ٿو ۽ جھجھي مقدار ۾ ھئڻ کي بہ ڄاڻان ٿو. مون سڀ ڪنھن ڳالھہ ۾ ۽ ھر حالت ۾ راضي رھڻ جو ڀيد سکيو آھي، ڍاول ھجان توڙي بکايل، سائو ھجان توڙي سڃو.

13 خداوند، جيڪو مون کي طاقت ٿو بخشي تنھن جي وسيلي آءٌ ھر ڳالھہ کي منھن ڏيئي ٿو سگھان.

14 تنھن ھوندي بہ اوھان چڱو ڪيو جو منھنجي تڪليفن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيا.

15 اي فلپيو! اوھين پاڻ بہ ڄاڻو ٿا تہ خوشخبريءَ جي تبليغ وارن شروعاتي ڏينھن ۾ جڏھن آءٌ مڪدونيا پرڳڻي مان روانو ٿيس تہ رڳو اوھان کان سواءِ ڪابہ ڪليسيا، ڏيڻ وٺڻ جي معاملي ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار نہ ٿي.