گلتين 1:10-16 SCLNT

10 ڇا آءٌ ائين چئي ماڻھن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھيان يا خدا کي؟ ڇا آءٌ ماڻھن کي خوش ڪرڻ ٿو گھران؟ جيڪڏھن ھن مھل تائين ماڻھن کي خوش ڪندو رھان ھا تہ جيڪر مسيح جو ٻانھو نہ ھجان ھا.

11 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي کولي ٻڌائڻ ٿو گھران تہ جيڪا خوشخبري مون اوھان کي ٻڌائي، سا انسان جي طرفان نہ آھي.

12 ڇالاءِ⁠تہ مون کي اھا خوشخبري ڪنھن انسان کان نہ ملي آھي، نڪي ڪنھن مون کي سيکاري آھي. پر اھا عيسيٰ مسيح پاڻ مون تي ظاھر ڪئي آھي.

13 سو اوھين ٻڌي چڪا آھيو تہ جڏھن آءٌ يھودي مذھب ۾ ھوس تہ منھنجي ڪھڙي ھلت چلت ھئي. آءٌ خدا جي ڪليسيا کي حد کان وڌيڪ ستائيندو ھوس ۽ ان کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھوس.

14 آءٌ يھودي مذھب ۾ رھندي ان وقت پنھنجي قوم جي گھڻن ھڪ جيڏن کان وڌيڪ ترقي ڪري رھيو ھوس. آءٌ پنھنجن ابن ڏاڏن جي ريتن رسمن تي نھايت ئي سرگرميءَ سان ھلندو ھوس.

15 پر خدا مون کي ماءُ جي پيٽان ئي مخصوص ڪري پنھنجي فضل سان سڏيو. سو جڏھن ان جي مرضي ٿي

16 تہ پنھنجي فرزند کي مون تي ظاھر ڪري تہ جيئن آءٌ غير قومن ۾ مسيح جي خوشخبريءَ جي تبليغ ڪريان، تڏھن مون ڪنھن انسان کان صلاح نہ ورتي،