گلتين 1:4-10 SCLNT

4 مسيح اسان جي گناھن جي لاءِ پنھنجو پاڻ ڏيئي ڇڏيو، تہ جيئن ھو اسان کي ھن ھاڻوڪي خراب زماني مان اسان جي خدا ۽ پيءُ جي مرضيءَ موجب آزاد ڪري.

5 انھيءَ خدا جي واکاڻ ھميشہ تائين ٿيندي رھي. آمين.

6 مون کي عجب ٿو لڳي تہ جنھن اوھان کي مسيح جي فضل جي وسيلي سڏيو، تنھن کان اوھين ايترو جلد ڦري ڪنھن ٻئي قسم جي خوشخبريءَ ڏانھن ٿا وڃو،

7 جا حقيقت ۾ خوشخبري آھي ئي نہ. پر رڳو ڪي اھڙا ماڻھو آھن جيڪي اوھان کي پريشان ڪرڻ خاطر مسيح جي خوشخبريءَ کي بگاڙڻ ٿا گھرن.

8 پر جيڪڏھن اسين يا آسمان جو ڪو ملائڪ انھيءَ خوشخبريءَ جي بجاءِ جيڪا اسان اوھان کي ٻڌائي، ڪا ٻي خوشخبري ٻڌائي تہ انھيءَ تي شل لعنت ھجي.

9 جيئن اسان اڳي ئي چيو آھي تيئن آءٌ ھاڻي وري بہ چوان ٿو تہ جيڪڏھن ڪو ماڻھو اوھان کي مليل خوشخبريءَ جي بجاءِ ڪا ٻي خوشخبري ٻڌائي ٿو تہ انھيءَ ماڻھوءَ تي لعنت ھجي.

10 ڇا آءٌ ائين چئي ماڻھن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھيان يا خدا کي؟ ڇا آءٌ ماڻھن کي خوش ڪرڻ ٿو گھران؟ جيڪڏھن ھن مھل تائين ماڻھن کي خوش ڪندو رھان ھا تہ جيڪر مسيح جو ٻانھو نہ ھجان ھا.