1 آخر چوڏھن سالن کان پوءِ آءٌ برنباس سان گڏجي وري يروشلم ڏانھن ويس ۽ طيطس کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويس.
2 آءٌ انھيءَ ڪري اوڏانھن ويس جو خدا مون تي الھام ڪيو تہ تو کي وڃڻ گھرجي. مون اڪيلائيءَ ۾ انھن جي اڳيان جيڪي معتبر سمجھيا ويندا ھئا، اھا خوشخبري پيش ڪئي جنھن جي آءٌ غير قومن ۾ تبليغ ڪندو آھيان. مون نہ ٿي چاھيو تہ منھنجي ھاڻوڪي يا اڳوڻي ڊڪ ڊوڙ اجائي ٿئي.
3 جيتوڻيڪ طيطس، جيڪو مون سان گڏ ھو، سو يوناني ھو تڏھن بہ انھن کيس طھر ڪرائڻ لاءِ زور نہ ڀريو.
4 اھو سوال رڳو انھن ڪوڙن ڀائرن جي ڪري اٿيو، جيڪي لڪي ڇپي اسان ۾ داخل ٿيا ھئا. اھي انھيءَ ڪري چوريءَ گھڙي آيا ھئا تہ جيڪا آزادي اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري ملي آھي، تنھن جي جاسوسي ڪري اسان کي غلام بڻائين.
5 انھن جي تابع رھڻ اسان ھڪڙي گھڙي بہ قبول نہ ڪيو، تہ جيئن خوشخبريءَ جي سچائي اوھان ۾ قائم رھي.
6 پر ڪي ماڻھو معتبر ليکيا ويندا ھئا، پوءِ اھي ڪھڙا بہ ھئا تنھن سان منھنجو واسطو ڪونھي، ڇالاءِجو خدا ماڻھوءَ جي ظاھري حالت کي نہ ٿو ڏسي. انھن ماڻھن مان مون کي خوشخبريءَ بابت ڪابہ ڳالھہ حاصل نہ ٿي.