1 اي نادان گلتيو! ڪنھن اوھان تي جادو ڪيو آھي؟ اوھان جي اکين اڳيان تہ عيسيٰ مسيح کي صليب تي چاڙھي سندس موت جو منظر ظاھر ظھور ڏيکاريو ويو.
2 آءٌ اوھان کان رڳو ايترو معلوم ڪرڻ ٿو گھران تہ پاڪ روح اوھان کي خوشخبري ٻڌي ايمان آڻڻ ڪري مليو يا شريعت جي ڪمن ڪرڻ ڪري؟
3 اوھين ايترا نادان آھيو ڇا جو پاڪ روح جي وسيلي نئين زندگي شروع ڪري ھاڻي جسماني طور ان جي پڄاڻي ڪرڻ چاھيو ٿا؟
4 اوھان ھيتريون تڪليفون اجايو سٺيون ڇا؟ اھي سچپچ اجايو ھيون ڇا؟
5 خدا اوھان کي پاڪ روح بخشي ٿو ۽ اوھان ۾ معجزا ڪري ٿو. پوءِ ڇا ھو اھو ڪم اوھان جي شريعت جي ڪمن ڪرڻ سبب ٿو ڪري يا خوشخبري ٻڌي ايمان آڻڻ سبب؟