گلتين 3:10-16 SCLNT

10 ڇالاءِ⁠جو جيڪي ⁠بہ شريعت جي ڪمن تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت ھيٺ اچن ٿا. ھن ڪري جو لکيل آھي تہ”جيڪو انھن سڀني ڳالھين تي عمل ڪرڻ ۾قائم نہ ٿو رھي،جيڪي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آھن،سو لعنتي آھي.“

11 ھاڻي اھا ڳالھہ صاف ظاھر آھي تہ ڪوبہ ماڻھو شريعت جي ڪري خدا جي نظر ۾ سچار نہ ٿو بڻجي. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ”جيڪو ايمان جي وسيلي سچار ٿو بڻجي،اھو ئي شخص جيئرو رھندو.“

12 شريعت جو ايمان سان ڪو واسطو ڪونھي، بلڪ لکيل آھي تہ”جيڪو شريعت جي ڳالھين تي عمل ڪري ٿو،سو انھن جي ڪري ئي جيئرو رھندو.“

13 مسيح اسان کي خريد ڪري شريعت جي لعنت کان ڇڏايو ۽ پاڻ اسان جي بدران لعنتي بڻيو. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو،سو لعنتي آھي.“

14 ھي انھيءَ ڪري ٿيو تہ جيئن ابراھيم کي مليل برڪت عيسيٰ مسيح جي وسيلي غير قومن تائين پھچي ۽ اسان کي ايمان جي وسيلي اھو پاڪ روح ملي، جنھن جو واعدو ٿيل آھي.

15 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي روزاني زندگيءَ جو ھڪ مثال ڏيان ٿو تہ انسان جي تصديق ڪيل عھدنامي کي ڪوبہ رد نہ ٿو ڪري سگھي ۽ نہ ئي ان کي وڌائي سگھي ٿو.

16 ھاڻي خدا ابراھيم ۽ سندس نسل سان واعدا ڪيا. ان موقعي تي پاڪ ڪلام ائين نہ ٿو چوي تہ ”نسلن سان،“ جنھن مان سندس مطلب گھڻا ماڻھو ھجن. پر ھو چوي ٿو تہ ”تنھنجي نسل سان،“ جنھن مان ھن جو مطلب ھڪڙو شخص آھي ۽ اھو مسيح آھي.