گلتين 3:13-19 SCLNT

13 مسيح اسان کي خريد ڪري شريعت جي لعنت کان ڇڏايو ۽ پاڻ اسان جي بدران لعنتي بڻيو. ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو،سو لعنتي آھي.“

14 ھي انھيءَ ڪري ٿيو تہ جيئن ابراھيم کي مليل برڪت عيسيٰ مسيح جي وسيلي غير قومن تائين پھچي ۽ اسان کي ايمان جي وسيلي اھو پاڪ روح ملي، جنھن جو واعدو ٿيل آھي.

15 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي روزاني زندگيءَ جو ھڪ مثال ڏيان ٿو تہ انسان جي تصديق ڪيل عھدنامي کي ڪوبہ رد نہ ٿو ڪري سگھي ۽ نہ ئي ان کي وڌائي سگھي ٿو.

16 ھاڻي خدا ابراھيم ۽ سندس نسل سان واعدا ڪيا. ان موقعي تي پاڪ ڪلام ائين نہ ٿو چوي تہ ”نسلن سان،“ جنھن مان سندس مطلب گھڻا ماڻھو ھجن. پر ھو چوي ٿو تہ ”تنھنجي نسل سان،“ جنھن مان ھن جو مطلب ھڪڙو شخص آھي ۽ اھو مسيح آھي.

17 ھاڻي آءٌ ائين ٿو چوان تہ جنھن عھد جي خدا پھريائين ئي تصديق ڪئي ھئي تنھن کي شريعت، جيڪا چار سو ٽيھن سالن کان پوءِ آئي، سا رد ڪري نہ ٿي سگھي. اھڙيءَ طرح اھا خدا جي واعدي کي بيڪار نہ ٿي ڪري.

18 ڇالاءِ⁠جو جيڪڏھن ميراث شريعت جي ڪري ملي آھي تہ اھا واعدي جي ڪري ناھي. پر خدا واعدي جي ڪري ئي اھا ابراھيم کي بخشي.

19 تہ پوءِ شريعت جو مقصد ڇا آھي؟ بعد ۾ شريعت انھيءَ لاءِ ڳنڍي ويئي تہ اھو ظاھر ٿئي تہ حقيقت ۾ گناھہ ڇا آھي؟ شريعت جو مدو ابراھيم جي انھيءَ نسل جي اچڻ تائين ھو جنھن سان خدا واعدو ڪيو ھو. اھا شريعت ملائڪن جي وسيلي ھڪ وچ واري جي معرفت ڏني ويئي.