17 ھاڻي آءٌ ائين ٿو چوان تہ جنھن عھد جي خدا پھريائين ئي تصديق ڪئي ھئي تنھن کي شريعت، جيڪا چار سو ٽيھن سالن کان پوءِ آئي، سا رد ڪري نہ ٿي سگھي. اھڙيءَ طرح اھا خدا جي واعدي کي بيڪار نہ ٿي ڪري.
18 ڇالاءِجو جيڪڏھن ميراث شريعت جي ڪري ملي آھي تہ اھا واعدي جي ڪري ناھي. پر خدا واعدي جي ڪري ئي اھا ابراھيم کي بخشي.
19 تہ پوءِ شريعت جو مقصد ڇا آھي؟ بعد ۾ شريعت انھيءَ لاءِ ڳنڍي ويئي تہ اھو ظاھر ٿئي تہ حقيقت ۾ گناھہ ڇا آھي؟ شريعت جو مدو ابراھيم جي انھيءَ نسل جي اچڻ تائين ھو جنھن سان خدا واعدو ڪيو ھو. اھا شريعت ملائڪن جي وسيلي ھڪ وچ واري جي معرفت ڏني ويئي.
20 پر رڳو ھڪ ڌر جي لاءِ وچ واري جي ضرورت نہ ٿيندي آھي ۽ خدا ھڪڙو آھي.
21 تہ پوءِ شريعت خدا جي واعدن جي برخلاف آھي ڇا؟ ھرگز نہ. ڇالاءِتہ جيڪڏھن ڪا اھڙي شريعت ڏني وڃي ھا جيڪا حياتي بخشي سگھي ھا تہ جيڪر سچائي شريعت جي وسيلي ملي ھا.
22 پر پاڪ ڪتاب جي بيان مطابق سڄي دنيا گناھہ جي قيد ۾ آھي، انھيءَ لاءِ تہ جيئن اھا بخشش، جنھن جو واعدو عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري ڪيو ويو آھي سا ايمان آڻيندڙن کي ڏني وڃي.
23 پر انھيءَ ايمان جي اچڻ کان اڳ اسين شريعت جي نگھبانيءَ ۾ قيد ھئاسين ۽ ايمان جي اچڻ تائين، جيڪو پوءِ ظاھر ٿيڻ وارو ھو، اسين شريعت جا پابند رھياسين.