5 خدا اوھان کي پاڪ روح بخشي ٿو ۽ اوھان ۾ معجزا ڪري ٿو. پوءِ ڇا ھو اھو ڪم اوھان جي شريعت جي ڪمن ڪرڻ سبب ٿو ڪري يا خوشخبري ٻڌي ايمان آڻڻ سبب؟
6 ابراھيم جو مثال وٺو، جنھن خدا تي ايمان آندو ۽ سندس اھو ايمان ھن لاءِ سچائي ليکيو ويو.
7 سو ائين سمجھو تہ جيڪي ايمان وارا آھن، حقيقت ۾ اھي ئي ابراھيم جو اولاد آھن.
8 پاڪ ڪلام جي پيشنگوئي ھئي تہ خدا غير قومن کي ايمان جي وسيلي سچار بڻائيندو. سو ھن اڳي ئي اھا خوشخبري ابراھيم کي ٻڌائي تہ ”تنھنجي وسيلي سڀني قومن کي برڪت ملندي.“
9 تنھنڪري جيڪي ايمان وارا آھن تن کي ابراھيم سان گڏ برڪت ٿي ملي، جيڪو خود ايمان وارو ھو.
10 ڇالاءِجو جيڪي بہ شريعت جي ڪمن تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت ھيٺ اچن ٿا. ھن ڪري جو لکيل آھي تہ”جيڪو انھن سڀني ڳالھين تي عمل ڪرڻ ۾قائم نہ ٿو رھي،جيڪي شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آھن،سو لعنتي آھي.“
11 ھاڻي اھا ڳالھہ صاف ظاھر آھي تہ ڪوبہ ماڻھو شريعت جي ڪري خدا جي نظر ۾ سچار نہ ٿو بڻجي. ڇالاءِجو لکيل آھي تہ”جيڪو ايمان جي وسيلي سچار ٿو بڻجي،اھو ئي شخص جيئرو رھندو.“