1 پر منھنجي چوڻ جو مطلب ھي آھي تہ وارث جيستائين ٻار آھي، جيتوڻيڪ ھو ھر شيءِ جو مالڪ آھي، تنھن ھوندي بہ انھيءَ ۾ ۽ غلام ۾ ڪوبہ فرق ڪونھي.
2 پر جيڪو وقت پيءُ مقرر ڪيو آھي، انھيءَ وقت تائين ھو سنڀاليندڙن ۽ مختيارن جي وس ۾ رھندو آھي.
3 ساڳيءَ طرح اسين بہ جڏھن ٻار ھئاسين تڏھن دنيا جي ابتدائي اصولن جا پابند ٿي غلاميءَ جي حالت ۾ رھياسين.
4 پر جڏھن وقت پورو ٿيو تہ خدا پنھنجو فرزند موڪليو جيڪو عورت جي پيٽان پيدا ٿيو ۽ شريعت جي ماتحت پيدا ٿيو.
5 انھيءَ لاءِ تہ جيڪي شريعت جي ماتحت ھئا تن کي ھو مُلھہ ڏيئي ڇڏائي، تہ جيئن اسان کي گود ورتل ٻار ٿيڻ جو درجو حاصل ٿئي.
6 جيئن تہ اوھين خدا جا ٻار آھيو، تنھنڪري خدا پنھنجي فرزند جو روح اوھان جي دلين ۾ بہ موڪليو آھي. اھو روح ”اي منھنجا بابا!“ چئي پڪاري ٿو.