گلتين 4:21-27 SCLNT

21 اوھين جيڪي شريعت جي تابع رھڻ ٿا گھرو، سي مون کي ٻڌايو تہ اوھين شريعت جون ڳالھيون نہ ٿا ٻڌو ڇا؟

22 ڇالاءِ⁠جو ان ۾ لکيل آھي تہ ابراھيم کي ٻہ پٽ ھئا، ھڪڙو ٻانھيءَ مان ۽ ٻيو سندس زال مان جيڪا ٻانھي نہ ھئي.

23 ٻانھيءَ وارو پٽ جسماني طرح ڄائو ھو، پر آزاد زال وارو پٽ خدا جي واعدي موجب ڄائو ھو.

24 انھن ڳالھين مان ھڪڙو مثال وٺجي ٿو، ڇالاءِ⁠جو اھي ٻہ عورتون ڄڻ تہ ٻہ عھد آھن. انھن مان ھڪڙو سينا جبل وارو آھي، جنھن ڪري غلام ئي پيدا ٿين ٿا ۽ اھا آھي ھاجرہ.

25 ھاڻي اھا ھاجرہ عربستان جي سينا جبل جي مثل آھي ۽ ان جي ڀيٽ ھاڻوڪي يروشلم سان ڪري سگھجي ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھو شھر بہ پنھنجي رھاڪن سميت غلاميءَ ۾ آھي.

26 پر آسماني يروشلم آزاد آھي ۽ اھا اسان جي ماءُ آھي.

27 ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ”اي سنڍ زال! تون جا ٻار نہ ٿي ڄڻين،سا خوشي ڪر.تون، جنھن کي ڪڏھن بہ ويم جا سور نہ ٿيا آھن،سا خوشيءَ سان وڏي واڪي پڪار،ڇالاءِ⁠جو نڌڻڪيءَ زال جا ٻارمڙس واري زال جي ٻارن کان گھڻا آھن.“