گلتين 4:24-30 SCLNT

24 انھن ڳالھين مان ھڪڙو مثال وٺجي ٿو، ڇالاءِ⁠جو اھي ٻہ عورتون ڄڻ تہ ٻہ عھد آھن. انھن مان ھڪڙو سينا جبل وارو آھي، جنھن ڪري غلام ئي پيدا ٿين ٿا ۽ اھا آھي ھاجرہ.

25 ھاڻي اھا ھاجرہ عربستان جي سينا جبل جي مثل آھي ۽ ان جي ڀيٽ ھاڻوڪي يروشلم سان ڪري سگھجي ٿي، ڇالاءِ⁠جو اھو شھر بہ پنھنجي رھاڪن سميت غلاميءَ ۾ آھي.

26 پر آسماني يروشلم آزاد آھي ۽ اھا اسان جي ماءُ آھي.

27 ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ”اي سنڍ زال! تون جا ٻار نہ ٿي ڄڻين،سا خوشي ڪر.تون، جنھن کي ڪڏھن بہ ويم جا سور نہ ٿيا آھن،سا خوشيءَ سان وڏي واڪي پڪار،ڇالاءِ⁠جو نڌڻڪيءَ زال جا ٻارمڙس واري زال جي ٻارن کان گھڻا آھن.“

28 ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين اسحاق وانگر خدا جي واعدي موجب پيدا ٿيل اولاد آھيون.

29 پر جيئن انھيءَ وقت جسماني طرح پيدا ٿيل ٻار، پاڪ روح موجب پيدا ٿيل ٻار کي ستائيندو ھو، تيئن ئي ھاڻي بہ ٿئي ٿو.

30 مگر پاڪ ڪتاب ڇا ٿو چوي؟ اھو تہ ”ٻانھيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ. ڇالاءِ⁠جو ٻانھيءَ جو پٽ، آزاد زال جي پٽ سان گڏ ھرگز وارث نہ ٿيندو.“