7 تنھنڪري اڳتي اوھين غلام نہ، بلڪ ٻار آھيو. ھاڻي جڏھن تہ ٻار آھيو، تڏھن خدا اوھان کي وارث بہ بڻايو آھي.
8 بيشڪ اڳئين زماني ۾ خدا جي ڄاڻ نہ ھوندي اوھين انھن شين جي غلاميءَ ۾ ھئا جيڪي حقيقت ۾ خدا نہ آھن.
9 پر ھاڻي جڏھن اوھين خدا کي ڄاڻو ٿا، بلڪ خدا اوھان کي ڄاتو آھي تہ پوءِ وري اوھين انھن ڪمزور ۽ خسيس ابتدائي اصولن ڏانھن ڇو ٿا ڦرو؟ ڇا اوھين ٻيھر انھن جي غلاميءَ ۾ رھڻ جي خواھش ٿا ڪريو؟
10 اوھين خاص ڏينھن، مھينن، وقتن ۽ سالن کي مڃيندا ٿا رھو.
11 مون کي اوھان بابت ڊپ آھي تہ متان ائين نہ ٿئي جو جيڪا محنت مون اوھان تي ڪئي آھي سا اجائي ٿي وڃي.
12 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان کي منٿ ٿو ڪريان تہ اوھين مون جھڙا ٿيو، ڇالاءِجو آءٌ بہ اوھان جھڙو ٿيو آھيان. اوھان مون کي ڪوبہ نقصان نہ رسايو آھي.
13 جيئن تہ اوھين ڄاڻو ٿا تہ مون پھرين دفعي جسم جي ھيڻائيءَ ۽ بيماريءَ سبب اوھان کي خوشخبري ٻڌائي ھئي.