1 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنھن ڏوھہ ۾ پڪڙجي پوي تہ اوھين جيڪي روحاني آھيو، تنھن کي نرممزاجيءَ سان سڌاريو. ان سان گڏ پنھنجو بہ خيال ڪريو، متان اوھين بہ آزمائش ۾ پئجي وڃو.
2 اوھين ھڪٻئي جا بار کڻو، اھڙيءَ طرح مسيح جي شريعت کي پورو ڪريو.
3 جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجو پاڻ کي ڪا شيءِ سمجھي ٿو، پر ھو ڪجھہ بہ نہ آھي تہ ھو پنھنجو پاڻ کي ٺڳي ٿو.
4 تنھنڪري ھر ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجا ڪم پاڻ جاچڻ گھرجن. انھيءَ حالت ۾ ھو رڳو پنھنجو پاڻ تي فخر ڪري سگھي ٿو ۽ پوءِ ھن کي ڪنھن ٻئي سان پنھنجي ڀيٽ ڪرڻ جي ضرورت نہ ٿيندي.
5 ڇالاءِجو ھر ڪو ماڻھو پنھنجو بار پاڻ کڻندو.
6 جيڪو پاڪ ڪلام جي تعليم حاصل ٿو ڪري، تنھن کي گھرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ سان شريڪ ڪري.
7 فريب نہ کائو، ڪوبہ خدا کي ٺڳي نہ ٿو سگھي. ڇالاءِجو ماڻھو جيڪي پوکي ٿو سو ئي لڻندو.