13 اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان کي خبر ھئڻ گھرجي تہ مون ڪيترائي دفعا اوھان ڏانھن اچڻ جو ارادو ڪيو ھو، پر ھيستائين ڪنھن نہ ڪنھن سبب ڪري اچي نہ سگھيس. جيئن منھنجو ڪم غير قوم جي ٻين ماڻھن ۾ ڪامياب ٿيو آھي، تيئن منھنجي مرضي آھي تہ اوھان ۾ بہ ڪامياب ٿئي.
14 مون تي سڀني جو فرض آھي، توڙي جو اھي سڌريل ھجن يا اڻسڌريل، پڙھيل ھجن يا اڻپڙھيل.
15 تنھنڪري منھنجي اھا تمنا آھي تہ آءٌ پنھنجي وس آھر اوھان روم وارن کي بہ خوشخبري ٻڌايان.
16 مون کي خوشخبريءَ ۾ پورو ڀروسو آھي، ڇاڪاڻتہ اھا ڇوٽڪاري ڏيڻ لاءِ سڀني ايمان آڻيندڙن جي واسطي خدا جي قدرت آھي، پھريائين يھودين لاءِ پوءِ غير قومن لاءِ.
17 ڇاڪاڻتہ انھيءَ خوشخبريءَ مان اھو ظاھر آھي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ٿو ڪري. اھو رڳو ايمان جي ئي وسيلي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين ٿئي ٿو. جيئن لکيل آھي تہ”جنھن کي ايمان جي وسيلي خدا ڏانھن سچار ڪيو ويو آھي،تنھن کي ئي زندگي ملندي.“
18 جيڪي ماڻھو پنھنجي بڇڙائيءَ جي ڪري سچ کي لڪائي ٿا ڇڏين، تن جي اھڙي بيديني ۽ بڇڙائيءَ تي آسمان مان خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.
19 ڇاڪاڻتہ جو ڪجھہ خدا بابت انسانن کي معلوم ٿي سگھي ٿو، سو سندن لاءِ صاف ظاھر آھي، جو اھو خدا پاڻ انھن تي ظاھر ڪيو آھي.