1 تہ پوءِ يھودي ٿي طھر ڪرائڻ مان ڪھڙو فائدو آھي؟
2 گھڻو ئي فائدو آھي. پھريون فائدو تہ خدا کين پنھنجو ڪلام سونپيو.
3 پوءِ جيڪڏھن انھن مان ڪن وفاداري نہ ڪئي تہ ڇا انھن جي بيوفائي خدا جي وفا کي بيڪار بڻائيندي؟
4 ائين بلڪل نہ آھي، خدا سچو آھي توڙي جو ھر ھڪ انسان ڪوڙو ھجي، جيئن لکيل آھي تہ”اي خدا! تون ھميشہ پنھنجن ڳالھين ۾سچو ثابت ٿيو آھين،۽ ھر آزمائش ۾ ڪامياب ٿيو آھين.“
5 پر آءٌ ماڻھن جي ئي بحث مطابق پڇي سگھان ٿو تہ جيڪڏھن اسان جي بڇڙائيءَ جي ڪري خدا جو انصاف ظاھر ٿئي ٿو تہ پوءِ ڇا اسين ائين چئون تہ خدا بيانصاف آھي، جو ھو غضب ٿو نازل ڪري؟
6 ائين بلڪل نہ آھي، ڇالاءِجو جيڪڏھن ائين ھجي تہ پوءِ خدا ڪھڙيءَ طرح جھان جو انصاف ڪندو؟
7 پوءِ جيڪڏھن منھنجي ڪوڙ جي ڪري خدا جي سچائي ايتري تہ وڌيڪ پڌري ٿي جو سندس جلوو ظاھر ٿيو، تہ پوءِ مون تي گنھگار وانگر فتويٰ ڇو ٿي جاري ڪئي وڃي؟
8 پوءِ اوھين بہ ڇو نہ چئو تہ ”اسين بڇڙا ڪم ڪريون تہ انھيءَ مان ڀلائي ٿئي“؟ ڪي ماڻھو اسان تي ھيءَ تھمت ٿا ھڻن تہ اھا ئي اسان جي تعليم آھي. اھڙن ماڻھن جو ڏوھي ٿيڻ ئي انصاف آھي.
9 پوءِ ڀلا، اسين يھودي ڪنھن بہ نموني ٻين قومن کان بھتر آھيون ڇا؟ نہ، بلڪل نہ. مون اوھان کي اڳي ئي ٻڌايو آھي تہ يھودي ۽ غير قوم وارا سڀ برابر آھن ۽ سڀيئي ھڪ جھڙا گناھن ۾ ڦاٿل آھن.
10 جيئن لکيل آھي تہ”ڪوبہ سچار نہ آھي، ھڪڙو بہ نہ.
11 ڪوبہ سمجھو نہ آھي،ڪوبہ خدا جو طالبو نہ آھي.
12 سڀني ماڻھن خدا کان منھن موڙيو آھي،سڀيئي گمراھہ ٿي ويا آھن.ڪوبہ نيڪي ڪندڙ ڪونھي، نہ، ھڪڙو بہ نہ.
13 انھن جا وات کليل قبرن مثل آھن،يعني انھن جي زبانن مان ٺڳي نڪري ٿي.سندن چپن مان نڪتل لفظنانگ جي زھر وانگر آھن.
14 انھن جا وات،ڦٽ لعنت ۽ نفرت سان ڀريل آھن.
15 انھن جا قدم،خونريزي ڪرڻ لاءِ تڪڙا ٿا ھلن.
16 اُھي جتي بہ وڃن ٿا تہتباھي ۽ مصيبت ٿا پکيڙين.
17 انھن کي امن جي رستي جي سُڌِ نہ آھي،
18 نہ وري کين ڪو خدا جو خوف ئي آھي.“
19 ھاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ شريعت رڳو انھن تي واجب آھي، جيڪي شريعت تحت رھن ٿا. آخرڪار نتيجو اھو نڪتو تہ ڪوبہ ماڻھو ائين چئي نہ ٿو سگھي تہ کيس گناھہ جي خبر ڪانہ ھئي، بلڪ سڄي دنيا خدا ڏانھن جوابدار آھي.
20 مطلب تہ شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ڪوبہ ماڻھو خدا ڏانھن سچار ٿي نہ ٿو سگھي. شريعت جي وسيلي تہ رڳو کيس گناھن جي خبر پوي ٿي.
21 ھاڻي اھو ظاھر ٿي چڪو آھي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ڪري ٿو. شريعت جو ان سان ڪوبہ واسطو نہ آھي. انھيءَ ڳالھہ جي شاھدي شريعت ۽ نبي ڏين ٿا.
22 خدا ماڻھن کي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ئي وسيلي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو. خدا سڀني سان ائين ڪري ٿو جيڪي مسيح تي ايمان آڻين ٿا، توڙي جو اھي يھودي ھجن يا غير يھودي.
23 سڀني ماڻھن گناھہ ڪيو آھي ۽ خدا جي جلوي کان محروم آھن.
24 رڳو خدا جي فضل جي بخشش جي ڪري اھي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا ڏانھن سچار بڻجن ٿا، جيڪو کين گناھن کان ڇڏائي ٿو.
25 عيسيٰ مسيح جي قربانيءَ جي ڪري خدا کيس اھڙو ڪفارو بڻايو، جو جيڪو بہ مٿس ايمان آڻيندو تہ ان جا گناھہ معاف ٿيندا. ان مان اھو ظاھر ٿو ٿئي تہ خدا ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڪيئن سچار ڪري ٿو. ھن کان اڳي خدا صبر ڪيو ۽ ماڻھن جي ڏوھن کي درگذر ڪيائين.
26 پر ھاڻي خدا پنھنجو انصاف ظاھر ڪري ٿو. جيئن تہ ھو پاڻ سچو آھي، سو ھر انھيءَ کي پاڻ ڏانھن سچار بڻائي ٿو، جيڪو عيسيٰ تي ايمان آڻي ٿو.
27 پوءِ اسان کي فخر ڪرڻ نہ گھرجي، ڇالاءِجو اسين شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو ايمان جي ئي وسيلي خدا ڏانھن سچار ٿي سگھون ٿا.
28 آخرڪار نتيجو اھو نڪتو جو اسين شريعت تي عمل ڪرڻ سان نہ، پر رڳو ايمان جي وسيلي خدا ڏانھن سچار ٿي سگھون ٿا.
29 ڇا خدا رڳو يھودين جو خدا آھي؟ ڇا ھو غير قومن جو خدا نہ آھي؟ ھا، ھو بلڪل آھي.
30 بيشڪ خدا ھڪڙو ئي آھي، جيڪو طھريلن توڙي اڻطھريلن کي سندن ايمان آڻڻ جي ڪري ئي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو.
31 ڇا ھن جو مطلب اھو ٿيو تہ اسين ايمان آڻڻ جي ڪري شريعت کي منسوخ ٿا ڪريون؟ نہ، بلڪل نہ، اسين تہ شريعت کي قائم ٿا ڪريون.