1 جيڪو آءٌ چوان ٿو سو سچ آھي. آءٌ مسيح جو آھيان ۽ ڪوڙ نہ ٿو ڳالھايان. منھنجي دل، جيڪا پاڪ روح جي وس ۾ آھي سا بہ مون سان گڏ شاھدي ٿي ڏئي تہ
4 اھي بني اسرائيل ئي آھن، جن کي خدا پنھنجا ٻار ڪري چونڊيو آھي. ھن کين پنھنجو جلوو ڏيکاريو ۽ کين پنھنجا عھد، شريعت، عبادت ۽ واعدا ڏنا اٿائين.
5 قوم جا ابا ڏاڏا بہ انھن مان ئي آھن ۽ رت جي رشتي ڪري مسيح بہ انھن جو ئي آھي. خدا، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آھي، شل ھميشہ انھيءَ جي واکاڻ ٿئي. آمين.
6 آءٌ ائين نہ ٿو چوان تہ خدا جو واعدو اجايو آھي، ڇالاءِجو جيڪي اسرائيل جو اولاد آھن، سي سڀ بني اسرائيل نہ آھن
7 ۽ نڪي ابراھيم جي نسل مان ھئڻ ڪري اھي سڀ سندس ٻار ليکيا ويا آھن. پر لکيل آھي تہ ”اسحاق مان ئي تنھنجو نسل سڏيو ويندو.“
8 ان جي معنيٰ تہ جسماني ٻار خدا جا ٻار نہ آھن، پر جيڪي ابراھيم سان خدا جي ڪيل واعدي موجب ٻار پيدا ٿيا سي ئي ابراھيم جو اولاد ليکجن ٿا.
9 ڇالاءِجو خدا ھنن لفظن ۾ واعدو ڪيو ھو تہ ”آءٌ مقرر وقت تي موٽي ايندس ۽ سارہ کي پٽ ڄمندو.“
10 نہ رڳو ايترو پر اسان جي وڏي اسحاق مان ربقہ کي ٻہ ٻار ٿيا.
13 جيئن لکيل آھي تہ ”مون يعقوب سان محبت رکي پر عيسوءَ سان نہ.“
14 پوءِ اسين ائين چئون ڇا تہ خدا بيانصاف آھي؟ نہ، بلڪل نہ،
15 ڇالاءِجو خدا موسيٰ کي چيو تہ ”جنھن تي آءٌ رحم ڪرڻ گھران تنھن تي رحم ڪندس ۽ جنھن تي ٻاجھہ ڪرڻ گھران تنھن تي ٻاجھہ ڪندس.“
16 تنھنڪري اُھو نہ انسان جي خواھش ڪرڻ تي ۽ نہ ڪوشش ڪرڻ تي مدار رکي ٿو، پر اھو سڀ خدا جي رحم ڪرم تي ڇڏيل آھي.
17 ڇالاءِجو پاڪ لکت ۾ خدا فرعون کي فرمائي ٿو تہ ”مون تو کي بادشاھہ انھيءَ لاءِ بڻايو آھي تہ آءٌ تنھنجي ڪري قدرت ظاھر ڪريان ۽ دنيا ۾ منھنجو نالو روشن ٿئي.“
18 سو خدا جنھن تي رحم ڪرڻ گھري ٿو، تنھن تي رحم ڪري ٿو ۽ جنھن کي سختدل ڪرڻ گھري ٿو تنھن کي سختدل ڪري ٿو.
19 اوھين مون کي چوندا تہ پوءِ خدا ڇو ٿو ماڻھن کي ڏوھدار بڻائي؟ ڪنھن کي مجال آھي جو خدا جي مرضيءَ جي مخالفت ڪري سگھي؟
20 پر اي انسان! تون ڪير ٿيندو آھين جو خدا سان سوال جواب ڪرين؟ ڇا خلقيل شيءِ خلقيندڙ کي چوندي تہ ”تو مون کي اھڙو ڇو خلقيو آھي؟“
21 ڇا ڪنڀر کي اھو اختيار نہ آھي جو ھو ساڳي مٽيءَ جي پنوڙي مان ھڪڙو قيمتي ٿانءُ بڻائي ۽ ٻيو خسيس؟
22 انھيءَ ۾ عجب جي ڪھڙي ڳالھہ آھي جو خدا پنھنجو غضب ۽ قدرت ظاھر ڪرڻ لاءِ انھن ٿانون سان صبر ۽ بردباريءَ سان پيش آيو، جيڪي ٿانوَ ڀڃي ناس ٿيڻ جي لائق ھئا.
23 خدا اھو ڪم ھن لاءِ ڪيو تہ جيڪي رحم جا ٿانوَ سندس جلوي جي لاءِ اڳي ئي تيار ڪيا ويا آھن، تن تي ھو پنھنجي جلوي جي نعمت نازل ڪري،
24 يعني اسان تي جن کي ھن نہ رڳو يھودين مان پر غير قومن مان بہ چونڊيو آھي.
25 جيئن خدا ھوسيع نبيءَ جي صحيفي ۾ فرمائي ٿو تہ”جيڪا منھنجي قوم نہ ھئي،تنھن کي پنھنجي قوم سڏيندس۽ جيڪا مون کي پياري نہ ھئي،تنھن کي پياري چوندس.“
26 ”جنھن جاءِ تي انھن کي ائين چيو ويو تہ’اوھين منھنجي قوم نہ آھيو،‘انھيءَ ساڳي جاءِ تي ئياھي زندہ خدا جا فرزند سڏبا.“
27 يسعياہ بني اسرائيل لاءِ کليو کلايو چوي ٿو تہ”جيتوڻيڪ بني اسرائيل جو تعدادسمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جي ذرڙن جيترو ھوندو،تہ بہ انھن مان ڪي ٿورا ئي وڃي بچندا.
28 ڇالاءِجو خداوند دنيا تيجلد ئي پنھنجو آخري فيصلو پورو ڪندو.“
29 جيئن يسعياہ نبي اڳي ئي چئي ويو آھي تہ”جيڪڏھن قدرت وارو خداونداسان جو ڪوبہ اولاد باقي نہ ڇڏي ھا،تہ اسان جو حال بہسدوم ۽ عموراہ شھرن جھڙو ٿئي ھا.“
30 تڏھن اسين ڇا چئون؟ يعني ھي تہ غير قومون جن خدا ڏانھن سچار بڻجڻ جي ڪوشش نہ ڪئي، تن کي اھا سچائي ملي ۽ اھا کين ايمان جي وسيلي ملي.
31 پر بني اسرائيل جيڪي اھڙيءَ شريعت جي ڳولا ۾ ھئا جنھن جي وسيلي ھو خدا ڏانھن سچار بڻجن، سي انھيءَ شريعت تائين بہ نہ پھتا.
32 ڇو؟ ڇالاءِجو ھنن شريعت کي ايمان جي وسيلي نہ ڳوليو پر عملن جي وسيلي ڳوليائون. انھن ٿاٻڙائڻ واري پٿر تان ٿاٻو کاڌو.
33 جيئن لکيل آھي تہ”ڏسو، صيئون ۾ ٿاٻڙائڻ وارو پٿر،يعني ماڻھن اڳيان ٺوڪر کائڻ واريھڪ ڇپ کڙي ڪريان ٿو.پر جيڪو بہ ھن تي ايمان آڻيندو،سو ڪڏھن بہ مايوس نہ ڪيو ويندو.“