7 اھو شاھدي ڏيڻ وارو پاڪ روح آھي، ڇالاءِجو پاڪ روح حق آھي. بلڪ شاھدي ڏيڻ وارا تہ ٽي آھن:
8 پاڪ روح، پاڻي ۽ رت، جيڪي سڀيئي ھڪڙي ئي ڳالھہ ٿا ڪن.
9 اسين ماڻھن جي شاھدي قبول ڪريون ٿا. پر خدا جي شاھدي تہ انھيءَ کان وڌيڪ آھي، ڇالاءِجو اھا خدا جي شاھدي آھي، جيڪا ھن پنھنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آھي.
10 جيڪو خدا جي فرزند تي ايمان آڻي ٿو، تنھن جي دل ۾ اھا شاھدي موجود آھي. جيڪو خدا تي ايمان نہ ٿو آڻي سو کيس ڪوڙو ٿو ڪري، ڇالاءِجو ھن انھيءَ شاھديءَ تي ايمان نہ آندو آھي، جيڪا خدا پنھنجي فرزند جي حق ۾ ڏني آھي.
11 اھا شاھدي ھيءَ آھي تہ خدا اسان کي دائمي زندگي ڏني آھي ۽ اھا زندگي خدا جي فرزند جي وسيلي آھي.
12 جنھن وٽ خدا جو فرزند آھي تنھن وٽ زندگي آھي ۽ جنھن وٽ خدا جو فرزند نہ آھي تنھن وٽ زندگي بہ ڪانھي.
13 اوھين جيڪي خدا جي فرزند جي نالي تي ايمان آڻيو ٿا، تن ڏانھن مون ھي ڳالھيون انھيءَ لاءِ لکيون آھن تہ جيئن اوھان کي خبر پوي تہ اوھان کي دائمي زندگي مليل آھي.