1.يوحنا 1 SCLNT

زندگيءَ جو ڪلام

1 اوھان ڏانھن اسين زندگيءَ جي ڪلام بابت لکون ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي ھو. اسان اھو ٻڌو ۽ پنھنجين اکين سان ڏٺو آھي. ھائو، اسان نہ رڳو ڏٺو آھي بلڪ پنھنجن ھٿن سان ڇھيو بہ آھي.

2 ڇالاءِ⁠جو اھا ئي تہ زندگي ھئي، جيڪا پيءُ سان ھئي ۽ اسان تي ظاھر ٿي. اسان اھا ڏٺي ۽ ان جا اکين ڏٺا شاھد آھيون.

3 جيڪي⁠بہ اسان ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، سو اوھان کي ٻڌايون ٿا تہ جيئن اوھين اسان سان انھيءَ صحبت ۾ شامل ٿيو، جيڪا اسان کي پيءُ ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان آھي.

4 ھي ڳالھيون اسين انھيءَ لاءِ لکي رھيا آھيون تہ جيئن اسان کي پوري پوري خوشي حاصل ٿئي.

روشنيءَ ۾ ھلڻ

5 ھاڻي، جيڪو پيغام اسان سندس فرزند کان ٻڌو آھي، سو اوھان کي ڏيون ٿا تہ ”خدا روشني آھي ۽ منجھس اوندھہ تہ اصل آھي ئي ڪانہ.“

6 پوءِ جيڪڏھن اسان جي خدا سان صحبت آھي ۽ ھلون وري اوندھہ ۾، تہ اسين ڪوڙ ٿا ڳالھايون ۽ سچ تي عمل نہ ٿا ڪريون.

7 پر جيڪڏھن اسين روشنيءَ ۾ ھلون ٿا، جيئن خدا پاڻ بہ روشنيءَ ۾ آھي، تہ پوءِ اسان جي ھڪ ٻئي سان صحبت آھي ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح جو رت اسان کي سڀني گناھن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي.

8 جيڪڏھن اسين چئون تہ اسان ۾ گناھہ ڪونہ آھي، تہ پوءِ اسين پاڻ کي ٺڳيون ٿا ۽ اسان ۾ سچائي ڪانھي.

9 پر جيڪڏھن اسين پنھنجا گناھہ باسينداسين تہ خدا پنھنجو واعدو پاڙيندو ۽ انصاف ڪري اسان جا گناھہ معاف ڪندو ۽ اسان کي ساري بڇڙائيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيندو.

10 جيڪڏھن اسين چئون تہ اسان گناھہ ڪونہ ڪيو آھي، تڏھن اسين ڄڻ خدا کي ڪوڙو ٿا ڪريون ۽ اسان ۾ سندس ڪلام موجود نہ آھي.

بابن

1 2 3 4 5