1.يوحنا 3 SCLNT

1 ڏسو، پيءُ جو اسان سان ڪيترو نہ پيار آھي. ھن جو اسان سان ايترو تہ پيار آھي جو اسين خدا جا ٻار ٿا سڏجون ۽ حقيقت ۾ اسين آھيون بہ. اِھو ئي سبب آھي جو دنيا اسان کي نہ ٿي سڃاڻي، ڇالاءِ⁠جو ھن کيس بہ نہ سڃاتو آھي.

2 پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ھاڻي اسين خدا جا ٻار آھيون ۽ اڃا اھا ڳالھہ ظاھر ڪانہ ٿي آھي تہ اسين ڇا ٿينداسين. پر ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏھن مسيح ظاھر ٿيندو تہ اسين بہ ھن جھڙا ٿي پونداسين، ڇالاءِ⁠جو اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن ھو حقيقت ۾ آھي.

3 جنھن کي بہ مسيح ۾ اھڙي اميد آھي، سو پاڻ کي اھڙو پاڪ ڪري جھڙو مسيح پاڪ آھي.

4 جيڪوبہ گناھہ ڪري ٿو سو خدا جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو ڏوھدار آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ گناھہ خدا جي قانون جي ڀڃڪڙي آھي.

5 اوھان کي خبر آھي تہ مسيح انھيءَ لاءِ ظاھر ٿيو ھو تہ جيئن گناھن کي کڻي وڃي ۽ منجھس گناھہ تہ اصل آھي ئي ڪونہ.

6 جيڪو منجھس قائم رھي ٿو، سو گناھہ نہ ڪندو آھي، جيڪو گناھہ ڪندو آھي تنھن نہ کيس ڏٺو آھي ۽ نڪي کيس سڃاتو آھي.

7 پيارا ٻارؤ! متان ڪو اوھان کي گمراھہ ڪري. جيڪو سچا ڪم ڪندو رھي ٿو سو سچار آھي، جيئن مسيح پاڻ سچار آھي.

8 جيڪو گناھہ ڪري ٿو سو شيطان مان آھي، ڇاڪاڻ⁠تہ شيطان شروع کان وٺي گناھہ ڪندو ٿو اچي. خدا جو فرزند انھيءَ لاءِ ظاھر ٿيو تہ جيئن شيطان جي ڪمن کي ناس ڪري.

9 جيڪو خدا جو ٻار آھي سو گناھہ نہ ڪندو آھي، ڇالاءِ⁠جو خدا جي فطرت منجھس رھي ٿي. جيئن تہ ھو خدا مان پيدا ٿيل آھي تنھنڪري ھو گناھہ ڪري ئي نہ سگھندو.

10 انھيءَ مان اسان کي خبر پوي ٿي تہ ڪير خدا جا ۽ ڪير شيطان جا ٻار آھن، ڇالاءِ⁠جو جيڪو سچائي نہ ٿو ڪري سو خدا جو ٻار نہ آھي ۽ نڪي اھو جيڪو پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري.

ھڪ ٻئي سان پيار

11 جيڪو پيغام اوھان شروعات کان ٻڌو آھي، سو ھي آھي تہ اسان کي ھڪ ٻئي سان پيار ڪرڻ گھرجي.

12 اوھين قابيل وانگر نہ ٿجو، جيڪو شيطان جو ھو ۽ پنھنجي ڀاءُ جو خون ڪيائين. ھن پنھنجي ڀاءُ جو خون ڇو ڪيو؟ ڇاڪاڻ⁠تہ قابيل جا ڪم بڇڙا ھئا پر سندس ڀاءُ جا ڪم نيڪ ھئا.

13 منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪڏھن دنيا اوھان سان دشمني ٿي ڪري تہ عجب نہ کائو.

14 اسين ڄاڻون ٿا تہ موت مان نڪري زندگيءَ ۾ آيا آھيون، ڇالاءِ⁠جو اسين پنھنجن ڀائرن سان پيار ڪريون ٿا. جيڪو پيار نہ ٿو ڪري سو موت جي حالت ۾ آھي.

15 جيڪوبہ پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ سان دشمني ٿو رکي سو خوني آھي ۽ اوھان کي خبر آھي تہ ڪنھن بہ خونيءَ کي دائمي زندگي حاصل نہ آھي.

16 انھيءَ مان اسان کي پيار جي خبر پيئي آھي تہ مسيح اسان جي خاطر پنھنجي جان ڏني ۽ اسان تي بہ واجب آھي تہ پنھنجن ڀائرن لاءِ جان ڏيون.

17 پر جنھن وٽ دنيا جو مال اسباب آھي ۽ پنھنجي ڀاءُ کي گھرج ۾ ڏسي بہ مٿس رحم نہ ٿو ڪري، تنھن ۾ ڀلا خدا جو پيار ڪيئن رھي سگھندو؟

18 اي پيارا ٻارؤ! اسان کي رڳو ڳالھين ۽ زبان سان نہ، پر عمل ۽ سچائيءَ جي وسيلي بہ پيار ڪرڻ گھرجي.

خدا جي آڏو ھمت

19 انھيءَ مان اسان کي خبر پوندي تہ اسين حق تي آھيون ۽ خدا جي حضور ۾ اسان جي دل کي خاطري ٿيندي.

20 خاص ڪري انھن ڳالھين ۾ جن ۾ اسان جي دل اسان کي ملامت ڪري ٿي، ڇالاءِ⁠جو خدا اسان جي دلين کان وڌيڪ ڄاڻي ٿو ۽ کيس سڀني ڳالھين جي خبر آھي.

21 اي پيارا عزيزو! جيڪڏھن اسان جون دليون اسان کي ملامت نہ ٿيون ڪن، تہ پوءِ خدا جي آڏو اسين ھمت ڪري سگھون ٿا.

22 جو ڪجھہ بہ اسين کانئس گھرون ٿا، سو اسان کي وٽانئس ملي ٿو، ڇالاءِ⁠جو اسين سندس حڪمن تي عمل ڪريون ٿا ۽ اھي ڪم ڪريون ٿا، جيڪي ھن کي پسند آھن.

23 ھن جو حڪم ھيءُ آھي تہ اسين سندس فرزند عيسيٰ مسيح جي نالي تي ايمان آڻيون ۽ ھڪ ٻئي سان ائين پيار ڪريون جيئن ھن اسان کي حڪم ڏنو آھي.

24 جيڪي خدا جي حڪمن تي عمل ڪن ٿا، سي منجھس رھن ٿا ۽ ھو انھن ۾ رھي ٿو. اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا اسان ۾ رھي ٿو. اھو اسين انھيءَ ڪري ڄاڻون ٿا تہ ھن اسان کي پاڪ روح ڏنو آھي.

بابن

1 2 3 4 5