1 اوھان ڏانھن اسين زندگيءَ جي ڪلام بابت لکون ٿا، جيڪو شروعات کان وٺي ھو. اسان اھو ٻڌو ۽ پنھنجين اکين سان ڏٺو آھي. ھائو، اسان نہ رڳو ڏٺو آھي بلڪ پنھنجن ھٿن سان ڇھيو بہ آھي.
2 ڇالاءِجو اھا ئي تہ زندگي ھئي، جيڪا پيءُ سان ھئي ۽ اسان تي ظاھر ٿي. اسان اھا ڏٺي ۽ ان جا اکين ڏٺا شاھد آھيون.
3 جيڪيبہ اسان ڏٺو ۽ ٻڌو آھي، سو اوھان کي ٻڌايون ٿا تہ جيئن اوھين اسان سان انھيءَ صحبت ۾ شامل ٿيو، جيڪا اسان کي پيءُ ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان آھي.
4 ھي ڳالھيون اسين انھيءَ لاءِ لکي رھيا آھيون تہ جيئن اسان کي پوري پوري خوشي حاصل ٿئي.
5 ھاڻي، جيڪو پيغام اسان سندس فرزند کان ٻڌو آھي، سو اوھان کي ڏيون ٿا تہ ”خدا روشني آھي ۽ منجھس اوندھہ تہ اصل آھي ئي ڪانہ.“