1.يوحنا 2:1-7 SCLNT

1 منھنجا پيارا ٻارو، آءٌ ھي اوھان ڏانھن انھيءَ لاءِ لکي رھيو آھيان، تہ جيئن اوھين گناھہ نہ ڪريو. پر جيڪڏھن ڪو شخص گناھہ ڪري ٿو تہ پيءُ وٽ اسان جو ھڪڙو مددگار موجود آھي يعني عيسيٰ مسيح، جيڪو انصاف ڪرڻ وارو آھي.

2 مسيح پاڻ اھڙي قرباني آھي، جيڪا اسان جا گناھہ کڻي وڃي ٿي، نہ رڳو اسان جا پر سڄي جھان جا گناھہ.

3 جيڪڏھن اسين خدا جي حڪمن تي عمل ڪنداسين، تہ پوءِ اسان کي يقين ٿي ويندو تہ اسين کيس سڃاڻون ٿا.

4 جيڪڏھن ڪو ماڻھو چوي تہ ”آءٌ خدا کي سڃاڻان ٿو،“ پر سندس حڪمن تي عمل نہ ٿو ڪري تہ اھو شخص ڪوڙو آھي ۽ ھن ۾ سچائي اصل ڪانہ آھي.

5 پر جيڪو ھن جي ڪلام تي عمل ڪري ٿو، تہ بيشڪ انھيءَ شخص ۾ خدا جي محبت ڪامل ٿي آھي. انھيءَ مان اسان کي يقين آھي تہ اسين خدا سان گڏجي ھڪ ٿي ويا آھيون.

6 جيڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ خدا سان گڏجي ھڪ ٿي ويو آھيان.“ تنھن کي اھڙيءَ طرح ھلڻ گھرجي جھڙيءَ طرح مسيح پاڻ ھلندو ھو.

7 پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوھان ڏانھن ڪو نئون حڪم نہ پر اھو پراڻو حڪم لکان ٿو، جيڪو شروعات کان وٺي اوھان وٽ ھو. ھي پراڻو حڪم اھو پيغام آھي، جيڪو اوھين ٻڌي چڪا آھيو.