20 اوھان ۾ پاڪ روح وڌو ويو آھي، تنھنڪري اوھان سڀني کي سچائيءَ جي خبر آھي.
21 مون اوھان ڏانھن ھن ڪري نہ لکيو آھي تہ اوھين ڪي سچ کان بيخبر آھيو. اوھين تہ چڱيءَ طرح سچ کي ڄاڻو ٿا، پر مون انھيءَ لاءِ لکيو آھي تہ ڪوبہ ڪوڙ سچ مان نہ ٿو نڪري.
22 تہ پوءِ ڪير ڪوڙو آھي؟ سواءِ انھيءَ جي جيڪو انڪار ڪري چوي ٿو تہ ”عيسيٰ اھو مسيح نہ آھي.“ اِھو ئي مسيح جو دشمن آھي، ڇوتہ ھو پيءُ ۽ سندس فرزند ٻنھي جو انڪار ڪري ٿو.
23 جيڪو فرزند کي مڃي ٿو تنھن وٽ پيءُ بہ آھي، پر جيڪو فرزند کي نہ ٿو مڃي تنھن وٽ پيءُ بہ نہ آھي.
24 جيڪو ڪجھہ اوھان کي شروع ۾ ٻڌايو ويو آھي، سو اوھان جي دلين ۾ رھڻ گھرجي. جيڪڏھن اھو اوھان کي ياد رھيو تہ اوھين بہ پيءُ ۽ سندس فرزند ٻنھي سان گڏجي ھڪ ٿي ويندا.
25 ھيءُ اُھو واعدو آھي جيڪو مسيح اسان سان ڪيو آھي، يعني دائمي زندگي.
26 مون ھي ڳالھيون اوھان ڏانھن انھن ماڻھن بابت لکيون آھن، جيڪي اوھان کي گمراھہ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.