1.يوحنا 2:23-29 SCLNT

23 جيڪو فرزند کي مڃي ٿو تنھن وٽ پيءُ بہ آھي، پر جيڪو فرزند کي نہ ٿو مڃي تنھن وٽ پيءُ بہ نہ آھي.

24 جيڪو ڪجھہ اوھان کي شروع ۾ ٻڌايو ويو آھي، سو اوھان جي دلين ۾ رھڻ گھرجي. جيڪڏھن اھو اوھان کي ياد رھيو تہ اوھين بہ پيءُ ۽ سندس فرزند ٻنھي سان گڏجي ھڪ ٿي ويندا.

25 ھيءُ اُھو واعدو آھي جيڪو مسيح اسان سان ڪيو آھي، يعني دائمي زندگي.

26 مون ھي ڳالھيون اوھان ڏانھن انھن ماڻھن بابت لکيون آھن، جيڪي اوھان کي گمراھہ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.

27 پر اوھان ۾ تہ مسيح پاڪ روح وڌو آھي، جيڪو اوھان ۾ رھي ٿو ۽ اوھان کي انھيءَ ڳالھہ جي ضرورت ڪانھي تہ ڪو اوھان کي سيکاري. پر ھن جو پاڪ روح اوھان کي سڀني ڳالھين بابت سيکاري ٿو. اھو سچو آھي ۽ ڪوڙو ڪونھي. جيئن ھن اوھان کي سيکاريو آھي، تيئن اوھين مسيح ۾ قائم رھندا اچو.

28 ھاڻي اي ننڍڙا ٻارؤ! مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي قائم رھندا اچو تہ جڏھن ھو ظاھر ٿئي، تڏھن اسان کي ھمت ھجي ۽ اسين سندس اچڻ مھل ھن جي اڳيان شرمندا نہ ٿيون.

29 اوھين ڄاڻو ٿا تہ خدا سچار آھي، تہ پوءِ اھا بہ خبر اٿوَ تہ جيڪوبہ سچائيءَ جا ڪم ٿو ڪري سو ھن مان پيدا ٿيو آھي.