3 جنھن کي بہ مسيح ۾ اھڙي اميد آھي، سو پاڻ کي اھڙو پاڪ ڪري جھڙو مسيح پاڪ آھي.
4 جيڪوبہ گناھہ ڪري ٿو سو خدا جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو ڏوھدار آھي، ڇاڪاڻتہ گناھہ خدا جي قانون جي ڀڃڪڙي آھي.
5 اوھان کي خبر آھي تہ مسيح انھيءَ لاءِ ظاھر ٿيو ھو تہ جيئن گناھن کي کڻي وڃي ۽ منجھس گناھہ تہ اصل آھي ئي ڪونہ.
6 جيڪو منجھس قائم رھي ٿو، سو گناھہ نہ ڪندو آھي، جيڪو گناھہ ڪندو آھي تنھن نہ کيس ڏٺو آھي ۽ نڪي کيس سڃاتو آھي.
7 پيارا ٻارؤ! متان ڪو اوھان کي گمراھہ ڪري. جيڪو سچا ڪم ڪندو رھي ٿو سو سچار آھي، جيئن مسيح پاڻ سچار آھي.
8 جيڪو گناھہ ڪري ٿو سو شيطان مان آھي، ڇاڪاڻتہ شيطان شروع کان وٺي گناھہ ڪندو ٿو اچي. خدا جو فرزند انھيءَ لاءِ ظاھر ٿيو تہ جيئن شيطان جي ڪمن کي ناس ڪري.
9 جيڪو خدا جو ٻار آھي سو گناھہ نہ ڪندو آھي، ڇالاءِجو خدا جي فطرت منجھس رھي ٿي. جيئن تہ ھو خدا مان پيدا ٿيل آھي تنھنڪري ھو گناھہ ڪري ئي نہ سگھندو.