13 اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا اسان ۾ رھي ٿو ۽ اسان خدا ۾ رھون ٿا، ڇالاءِجو ھن اسان کي پنھنجو پاڪ روح ڏنو آھي.
14 اسان ڏٺو آھي ۽ انھيءَ جي شاھدي ٿا ڏيون تہ پيءُ پنھنجي فرزند کي جھان جو ڇوٽڪاري ڏيندڙ ڪري موڪليو آھي.
15 جيڪو اقرار ڪري ٿو تہ عيسيٰ خدا جو فرزند آھي، تہ خدا انھيءَ ۾ رھي ٿو ۽ ھو خدا ۾.
16 اسان کي خبر آھي ۽ اھو يقين اٿئون تہ خدا جو اسان سان پيار آھي. خدا پيار آھي، جيڪو پيار ۾ رھي ٿو سو خدا ۾ رھي ٿو ۽ خدا بہ انھيءَ ۾ رھي ٿو.
17 انھيءَ سبب پيار کي اسان ۾ مڪمل ڪيو ويو آھي تہ جيئن عدالت جي ڏينھن اسان کي تسلي ھجي، ڇالاءِجو ھن ئي دنيا ۾ اسين مسيح وانگر آھيون.
18 پيار ۾ ڪوبہ خوف ڪونھي، پر مڪمل پيار تہ خوف ڪڍي ٿو ڇڏي. ڇالاءِجو خوف سزا جي ڪري ٿئي ٿو ۽ جيڪو ڊڄي ٿو سو پيار ۾ ڪامل نہ ٿيو آھي.
19 اسين پيار انھيءَ لاءِ ٿا ڪريون، جو پھريائين خدا اسان سان پيار ڪيو آھي.