1 جنھن کي اھو يقين آھي تہ عيسيٰ ئي مسيح آھي، سو خدا جو ٻار آھي ۽ جيڪو پيءُ سان پيار ٿو ڪري، سو سندس ٻار سان بہ پيار ٿو ڪري.
2 جڏھن اسين خدا سان پيار ڪريون ٿا ۽ سندس حڪمن تي عمل ٿا ڪريون، تہ انھيءَ مان معلوم ٿئي ٿو تہ خدا جي ٻارن سان بہ پيار ٿا ڪريون.
3 خدا سان پيار ڪرڻ، معنيٰ اسان جو سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ آھي ۽ ھن جا حڪم ڏکيا نہ آھن.
4 ڇالاءِجو جيڪو خدا جو ٻار آھي، سو دنيا تي فتح حاصل ڪري ٿو. اھا سوڀ جنھن دنيا کي فتح ڪيو آھي سا آھي اسان جو ايمان.
5 دنيا کي ڪير فتح ڪري سگھي ٿو، سواءِ انھيءَ جي جيڪو ايمان آڻي ٿو تہ عيسيٰ خدا جو فرزند آھي؟
6 ھي اھو ئي آھي جيڪو پاڻيءَ ۽ رت جي وسيلي آيو، يعني عيسيٰ مسيح. ھو نہ رڳو پاڻيءَ جي وسيلي، پر پاڻيءَ ۽ رت ٻنھي جي وسيلي آيو آھي.
7 اھو شاھدي ڏيڻ وارو پاڪ روح آھي، ڇالاءِجو پاڪ روح حق آھي. بلڪ شاھدي ڏيڻ وارا تہ ٽي آھن: