1.يوحنا 5:11-17 SCLNT

11 اھا شاھدي ھيءَ آھي تہ خدا اسان کي دائمي زندگي ڏني آھي ۽ اھا زندگي خدا جي فرزند جي وسيلي آھي.

12 جنھن وٽ خدا جو فرزند آھي تنھن وٽ زندگي آھي ۽ جنھن وٽ خدا جو فرزند نہ آھي تنھن وٽ زندگي بہ ڪانھي.

13 اوھين جيڪي خدا جي فرزند جي نالي تي ايمان آڻيو ٿا، تن ڏانھن مون ھي ڳالھيون انھيءَ لاءِ لکيون آھن تہ جيئن اوھان کي خبر پوي تہ اوھان کي دائمي زندگي مليل آھي.

14 اسان کي خدا جي حضور ۾ پورو پورو ڀروسو آھي تہ جيڪڏھن اسين سندس مرضيءَ موجب ڪا شيءِ گھرنداسين تہ ھو اسان جي ٻڌندو.

15 جيڪڏھن اسان کي خبر آھي تہ ھو اسان جي ٻڌي ٿو، تہ پوءِ اسين اھو بہ ڄاڻون ٿا تہ جيڪو بہ اسان کانئس گھريو آھي سو اسان کي مليو آھي.

16 جيڪڏھن ڪو ماڻھو پنھنجي ھم⁠ايمان کي اھڙو گناھہ ڪندو ڏسي، جنھن جو نتيجو موت نہ آھي تہ کيس ھن لاءِ خدا کان دعا گھرڻ کپي، جيڪو کيس زندگي بخشيندو. ھي انھن لاءِ آھي جيڪي اھڙا گناھہ نہ ٿا ڪن جن جو نتيجو موت آھي. اھڙو بہ گناھہ آھي، جنھن جو نتيجو موت آھي. آءٌ نہ ٿو چوان تہ کيس انھيءَ گناھہ بابت دعا گھرڻ کپي.

17 سڀڪا بڇڙائي گناھہ آھي، پر اھڙو بہ گناھہ آھي جنھن جو نتيجو موت نہ آھي.