18 اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جنھن کي پنھنجو ٻار بڻايو آھي، سو گناھہ نہ ڪندو آھي، ڇالاءِجو خدا جو فرزند سندس حفاظت ڪري ٿو ۽ شيطان کيس ھٿ بہ لائي نہ ٿو سگھي.
19 اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين خدا جا ٻار آھيون، جيتوڻيڪ ٻي سڄي دنيا شيطان جي قبضي ۾ آھي.
20 اسين اھو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آھي. ھن اسان کي سمجھہ بخشي آھي تہ اسين انھيءَ خدا کي سڃاڻون جيڪو حق آھي ۽ اسين انھيءَ حقيقي خدا جا آھيون، تھڙيءَ ئي طرح سندس فرزند عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل پڻ آھيون. اھو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آھي.
21 پيارا ٻارؤ! بتن يعني ڪوڙن معبودن کان پاڻ کي بچائجو.