1.پطرس 1:1-6 SCLNT

1 ھي خط پطرس جي طرفان آھي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو رسول آھي.ھي خدا جي انھن چونڊيل ماڻھن ڏانھن ٿو لکجي، جيڪي جلاوطن جي حيثيت ۾ پنطس، گلتيا، ڪپدڪيا، ايشيا ۽ بٿونيا پرڳڻن ۾ پکڙيل آھن.

2 خدا پيءُ اڳ ۾ ئي اوھان کي ڄاتو ۽ پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ڪري اوھان کي چونڊيو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين عيسيٰ مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پاڪ صاف ڪيا وڃو.شل اوھان تي فضل ۽ سلامتي وڌندي رھي.

3 اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي خدا ۽ پيءُ جي واکاڻ ھجي. ھن پنھنجي وڏيءَ رحمت سان، عيسيٰ مسيح جي مئلن مان وري جي اٿڻ جي وسيلي اسان کي نئين سر پيدا ڪيو. اھڙيءَ طرح اسان ۾ جيئري اميد پيدا ڪئي ويئي،

4 تہ اسين ھڪ غيرفاني، بي⁠داغ ۽ لازوال ورثو حاصل ڪريون، جيڪو اوھان جي لاءِ آسمان ۾ رکيل آھي.

5 اوھين خدا جي قدرت سان ايمان جي وسيلي حفاظت ۾ آھيو، انھيءَ لاءِ تہ اھو ڇوٽڪارو حاصل ڪريو جيڪو آخري وقت ۾ ظاھر ٿيڻ لاءِ تيار آھي.

6 انھن ڳالھين جي ڪري اوھين گھڻي خوشي ٿا ڪريو، جيتوڻيڪ ھاڻي ٿوري وقت لاءِ ضرورت جي ڪري اوھين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئي ڏکي ٿيا آھيو.