1 تنھنڪري ھر طرح جي بدخواھي، سموري ٺڳي، رياڪاري، حسد ۽ ھر قسم جي گلا غيبت کي پاڻ مان ڪڍي ڇڏيو.
2 جيئن نوان ڄاول ٻارڙا نج کير جا طلبگار ٿا ٿين، تيئن اوھين بہ نج روحاني کير جا طلبگار ٿيو، تہ انھيءَ جي وسيلي وڌي اوھين ڇوٽڪارو حاصل ڪريو.
3 ڇالاءِجو اوھان خداوند جي مھربان ھئڻ جو سواد چکيو آھي.
4 انھيءَ جيئري پٿر، يعني مسيح وٽ اچو جنھن کي ماڻھن تہ رد ڪري ڇڏيو، پر خدا ان کي قيمتي ڄاڻي چونڊيو.
5 اوھين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو، انھيءَ لاءِ تہ اوھين پاڪ ڪاھنن جي حيثيت ۾ اھڙيون روحاني قربانيون پيش ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.
6 ڇالاءِجو پاڪ ڪلام ۾ لکيل آھي تہ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ ھڪ پٿر رکان ٿو،جيڪو چونڊيل، قيمتي۽ سڀ کان اھم پٿر آھي.جيڪو ماڻھو انھيءَ تي ايمان آڻيندو،سو ڪڏھن بہ شرمندو نہ ٿيندو.“
7 تنھنڪري اوھين، جن ايمان آندو آھي، تن جي لاءِ اھو قيمتي پٿر آھي. پر جيڪي ايمان نہ ٿا آڻين تن جي لاءِ اھو لکيل آھي تہ”جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو،سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو.“
8 ٻئي ھنڌ لکيل آھي تہ”اھو ٿاٻڙائڻ وارو پٿر،يعني ماڻھن لاءِ ٺوڪر کائڻ واري ڇپ ٿيو.“ سو اھي ماڻھو ڪلام جا نافرمان ٿي ان تان ٿاٻڙجن ٿا ۽ انھيءَ جي لاءِ اھي مقرر بہ ڪيا ويا آھن.
9 پر اوھين ھڪڙو چونڊيل نسل، شاھي ڪاھنن جي جماعت، پاڪ قوم ۽ خدا جا اھڙا چونڊيل ماڻھو آھيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آھن. اوھين انھيءَ لاءِ چونڊيا ويا آھيو تہ خدا جون خوبيون ظاھر ڪريو، جنھن اوھان کي اونداھيءَ مان ڪڍي پنھنجي عجيب روشنيءَ ڏانھن سڏيو آھي.
10 اڳي اوھين ڇڙوڇڙ ھئا، پر ھاڻي اوھين خدا جي قوم آھيو. اڳي اوھان تي رحمت ڪونہ ٿي ھئي، پر ھاڻي رحمت ٿي اٿوَ.
11 اي پيارا دوستو! آءٌ اوھان کي ھن دنيا ۾ پرديسي ۽ جلاوطن سمجھي منٿ ٿو ڪريان تہ انھن جسماني برين خواھشن کان پري رھو، جيڪي اوھان جي روح سان جنگ ٿيون جوٽين.
12 غير قومن ۾ پنھنجي ھلت چلت چڱي رکو، تہ جيئن جيڪي اوھان تي بدڪار ھئڻ جي تھمت ٿا ھڻن سي اوھان جا چڱا ڪم ڏسي انھيءَ ڏينھن تي خدا جي واکاڻ ڪن جڏھن خداوند اچي عدالت ڪندو.
13 خداوند جي خاطر ھر انساني اختياريءَ جا تابعدار رھو، مثال طور شھنشاھہ جا انھيءَ ڪري جو ھو سڀني کان مٿاھون آھي.
14 اھڙيءَ طرح گورنرن جا انھيءَ ڪري تابعدار رھو جو اھي شھنشاھہ جا موڪليل آھن، انھيءَ لاءِ تہ بدڪارن کي سزا ڏين ۽ نيڪي ڪرڻ وارن جي ساراھہ ڪن.
15 ڇالاءِجو خدا جي مرضي اھا آھي تہ نيڪي ڪرڻ سان اوھين بيوقوف ماڻھن جي نادانيءَ وارين ڳالھين کي ٻنجو ڏيئي ڇڏيو.
16 آزاد ماڻھن وانگر زندگي گذاريو. پر پنھنجي انھيءَ آزاديءَ کي بڇڙائيءَ جو بھانو نہ بڻايو، البت پاڻ کي خدا جا ٻانھا سمجھو.
17 سڀني ماڻھن جي عزت ڪريو، پنھنجي ھمايمان برادريءَ سان محبت رکو، خدا کان ڊڄو ۽ بادشاھہ جو احترام ڪريو.
18 اي نوڪرؤ! ڏاڍي ادب سان پنھنجن مالڪن جي تابع رھو، نہ رڳو نيڪن ۽ نرم طبيعت وارن جي، بلڪ سخت طبيعت وارن جي بہ.
19 ڇالاءِجو جيڪڏھن ڪو ماڻھو خدا کي ڄاڻيندي بيانصافيءَ جي ڪري ڏک سھي ۽ تڪليفون برداشت ڪري تہ اھا ڳالھہ تعريف جوڳي آھي.
20 ھن ڪري جو جيڪڏھن اوھان گناھہ ڪري مار کاڌي ۽ صبر ڪيو تہ انھيءَ ۾ ڪھڙو فخر آھي؟ پر جيڪڏھن اوھين نيڪي ڪري ڏک ڀوڳيو ۽ صبر ڪريو ٿا تہ اھا ڳالھہ خدا جي نظر ۾ تعريف جوڳي آھي.
21 انھيءَ ڳالھہ لاءِ ئي اوھين سڏيا ويا آھيو، ڇالاءِجو مسيح بہ اوھان جي خاطر ڏک سھي اوھان کي ھڪڙو نمونو ڏيئي ويو آھي، تہ جيئن اوھين سندس نقشِقدم تي ھلندا رھو.
22 جھڙيءَ طرح لکيل آھي تہ”ھن نڪي ڪو گناھہ ڪيو۽ نہ ئي سندس وات مانڪا ٺڳيءَ جي ڳالھہ نڪتي.“
23 ھو گاريون کائي بہ موٽ ۾ ڪنھن کي گار نہ ڏيندو ھو ۽ ڏک سھي بہ ڪنھن کي ڪونہ ڌمڪائيندو ھو، بلڪ پاڻ کي سچي انصاف ڪرڻ واري جي حوالي ڪندو ھو.
24 ھو پاڻ اسان جا گناھہ پنھنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙھيو، انھيءَ لاءِ تہ اسين گناھن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي خاطر جيئون. ھن جي مار کائي زخمي ٿيڻ جي ڪري اوھين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.
25 ڇالاءِجو اڳي اوھين ڀٽڪيل رڍن وانگر ھئا پر ھاڻي پنھنجن روحن جي ڌنار ۽ نگھبان وٽ موٽي آيا آھيو.