1.پطرس 5 SCLNT

خدا جو ڌڻ

1 اوھان ۾ جيڪي بزرگ آھن تن کي آءٌ، جيڪو انھن بزرگن مان ھڪڙو مسيح جي ڏکن جو شاھد ۽ سندس جيڪو جلال ظاھر ٿيڻ وارو آھي، تنھن ۾ پڻ شريڪ آھيان ، سو نصيحت ٿو ڪريان تہ

2 خدا جو ڌڻ جيڪو اوھان جي سنڀال ھيٺ آھي، تنھن کي اوھين چاريو ۽ انھيءَ جي نگھباني ڪريو. ھي ڪم جيئن خدا چاھي ٿو، تيئن خوشيءَ سان ڪريو، نڪي لاچاريءَ سبب. دل جي شوق سان ڪريو، نڪي پيسي جي لالچ تي.

3 جيڪي ماڻھو اوھان جي حوالي ڪيا ويا آھن تن تي حڪم نہ ھلايو، بلڪ انھيءَ ڌڻ جي لاءِ پاڻ کي نمونو بڻايو.

4 پوءِ جڏھن وڏو ڌنار ظاھر ٿيندو، تڏھن اوھان کي اھڙو جلويدار تاج ملندو جيڪو ڪڏھن بہ جھَڪو نہ ٿيندو.

5 ساڳيءَ طرح اي جوانو! اوھين بزرگن جي تابع رھو. اوھين سڀيئي ھڪ ٻئي اڳيان نماڻائيءَ سان پھريل رھو، ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري،پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“

6 تنھنڪري خدا جي قدرت واري ھٿ ھيٺ پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ ھو اوھان کي مناسب وقت تي سربلند ڪري.

7 پنھنجي سڄي ڳڻتي انھيءَ تي رکو، ڇالاءِ⁠جو ھن کي اوھان جو فڪر آھي.

8 ھوشيار ۽ سجاڳ رھو. اوھان جو دشمن شيطان گجندڙ شينھن وانگر چوڌاري گھمي وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنھن کي ڦاڙي کائي.

9 اوھين ايمان تي قائم رھي سندس مقابلو ڪريو، ڇالاءِ⁠جو اوھين ڄاڻو ٿا تہ اوھان جا ڀائر جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ آھن، سي بہ اھڙن ئي ڏکن ۾ پيا گذارين.

10 ھاڻي خدا، جيڪو ھر طرح جي فضل جو سرچشمو آھي ۽ جنھن اوھان کي مسيح جا ھئڻ ڪري پنھنجي دائمي عظمت ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ سڏيو آھي، سو اوھان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سھڻ کان پوءِ پاڻھي اوھان کي ڪامل، قائم، مضبوط ۽ پڪو ڪندو.

11 انھيءَ جي بادشاھي ھميشہ ھميشہ تائين رھي. آمين.

آخر ۾ دعا سلام

12 آءٌ اوھان ڏانھن ھي مختصر خط سيلاس جي معرفت لکي رھيو آھيان، جنھن کي آءٌ وفادار ڀاءُ سمجھان ٿو. آءٌ چاھيان ٿو تہ اوھان کي ھمتايان ۽ شاھدي بہ ڏيان تہ خدا جو سچو فضل اھو ئي آھي. اوھين انھيءَ تي قائم رھو.

13 اوھان سان گڏ چونڊيل ڪليسيا، جيڪا بابل ۾ آھي سا اوھان کي سلام ٿي ڏئي ۽ منھنجو فرزند مرقس بہ.

14 ھڪ ٻئي کي ڀائراڻي پيار سان ملي سلام ڪجو.شل اوھان سڀني تي، جيڪي مسيح جا آھيو سلامتي ھجي.

بابن

1 2 3 4 5