1.پطرس 1:11-17 SCLNT

11 اھي کوجنا ۾ ھئا تہ مسيح جو روح، جيڪو منجھن ھو تنھن ڪھڙي وقت ۽ حالتن ڏانھن اشارو ڪري اڳڪٿي ٿي ڪئي تہ مسيح ڏک سھندو ۽ پوءِ جلال حاصل ڪندو.

12 انھن نبين تي ھيءَ ڳالھہ ظاھر ڪئي ويئي تہ اھي پنھنجي نہ، پر اوھان جي خدمت لاءِ اھي ڳالھيون بيان ڪندا ھئا، جن جي خبر ھاڻي اوھان کي انھن پيغمبرن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوھان کي خوشخبري ٻڌائي. ھي ڳالھيون اھڙيون آھن جن کي ملائڪ بہ سمجھڻ جا خواھشمند آھن.

13 تنھنڪري سمجھہ جو سندرو ٻڌي ھوشيار ٿيو ۽ جيڪو فضل عيسيٰ مسيح جي ظاھر ٿيڻ وقت اوھان تي ٿيندو، تنھن جي پوريءَ طرح اميد رکو.

14 اوھين فرمانبردار ٻارن وانگر زندگي گذاريو. اھي بريون خواھشون اختيار نہ ڪريو، جيڪي اوھان جي جاھليت واري زماني ۾ اوھان منجھہ ھيون.

15 پر جيئن اوھان جو سڏڻ وارو پاڪ آھي، تيئن اوھين بہ پنھنجي سموري ھلت چلت ۾ پاڪ ٿيو.

16 ھن ڪري جو لکيل آھي تہ”اوھين پاڪ ٿيو،ڇالاءِ⁠جو آءٌ پاڪ آھيان.“

17 ھاڻي جيڪڏھن اوھين انھيءَ کي پيءُ ڪري سڏيو ٿا، جيڪو ھرھڪ ماڻھوءَ جي ڪم موجب بنا طرفداريءَ جي انصاف ٿو ڪري، تہ پوءِ پنھنجي ھيءَ مسافرن واري زندگي خدا جي خوف ۾ گذاريو.